گهارو ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ، 2 پوليس اهلڪار شهيد

ٺٽو/ گهارو/ ميرپورخاص (نمائندن وٽان) گھارو جي علائقي ٻاٻڙا موري وٽ ڊيوٽي دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته معمول جي گشت دوران پوليس اهلڪارن  تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن مبينا طور تي ڇتي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي اهلڪار موقعي تي شهيد ٿي ويا، پوليس اختيارين موجب شهيد اهلڪارن جي سڃاڻپ مجيد مري ۽ اڪبر مري طور ٿي آهي، جيڪي تازو ئي بدلي ٿي گھارو ٿاڻي تي مقرر ٿيا هئا ۽ سندن تعلق ٽنڊو الهيار سان ٻڌايو پيو وڃي، ذريعن موجب ٻئي اهلڪار معمول موجب ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل تي شڪي ماڻهن کي روڪڻ جي ڪوشش دوران هٿياربندن اهلڪارن مٿان فائرنگ ڪري ڏني،واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، شهيدن جا لاش رورل هيلٿ سينٽر گھارو منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي، علائقي جي ناڪابندي ڪري وڏي پئماني تي سرچ آپريشن شروع ڪرڻ جون تياريون ڪيون ويون، ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه گھارو فائرنگ واقعي جو نوٽيس وٺندي پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو، شهيد اهلڪارن جي وارثن سان دلي تعزيت ڪندي آءِ جي سنڌ کان فوري رپورٽ طلب ڪئي وئي، وڏي وزير چيو ته اهڙين بزدلانه ڪاررواين سان پوليس جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهجن، قاتلن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

 

You might also like