سنڌ هاءِ ڪورٽ 800 ايڪڙ سرڪاري زمين بابت نيب جو فيصلو برقرار رکي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي 800 ايڪڙ قيمتي سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ رد ڪرڻ بابت قومي احتساب بيورو (نيب) جي قدم کي برقرار رکندي جوابدارن جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون، عدالت سرڪاري زمين تي غيرقانوني قبضي واري ڪيس ۾ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته زمين جي الاٽمينٽ شروعات کان ئي غيرقانوني هئي، تنهن ڪري نيب پاران زمين واگذار ڪرائڻ وارو قدم قانوني ۽ درست آهي، عدالتي فيصلي موجب 1990ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ اربين رپين ماليت واري 800 ايڪڙ سرڪاري زمين تي ڪرپٽ عملدارن  جي سهڪار سان جعلي دعوائن ۽ دستاويزن ذريعي قبضو ڪيو ويو هو، جنهن بعد اها زمين ڳجهي نموني نجي ماڻهن ڏانهن منتقل ڪري وڏي منافعي تي وڪرو ڪئي وئي، فيصلي ۾ چيو ويو ته زمين جي ڪجهه حصن تي ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪندڙ ملڪيتون موجود آهن، جڏهن ته ڪجهه حصا عوامي پارڪن لاءِ مخصوص هئا، بعد ۾ نيب جي اڳوڻي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد بٽ ۽ ڊپٽي چيئرمين سهيل ناصر جي نگراني ۾ نيب ۽ سنڌ بورڊ آف روينيو گڏجي جعلي رڪارڊ رد ڪرائي زمين ٻيهر سرڪاري تحويل ۾ ورتي، جوابدارن عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته کين ٻڌڻ جو موقعو نه ڏنو ويو ۽ هو زمين جا خريدار آهن، پر عدالت اهي سمورا دليل رد ڪندي چيو ته غيرقانوني بنياد تي بيٺل ڪنهن به دعويٰ کي قانوني تحفظ حاصل نٿو ٿي سگهي، عدالت خريدارن کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن سندن سان فراڊ ٿيو آهي ته اهي انهن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪن، جن کين اها مبينا طور تي غيرقانوني زمين وڪرو ڪئي، نيب جي ترجمان چيو ته هي زمينون ڪراچي جي پاڻي فراهمي جي ملڪيتن ۽ عوامي پارڪن تي ٻڌل آهن، جيڪي عوام جي ملڪيت آهن ۽ فراڊ سان قبضي هيٺ آيل سرڪاري زمين جو هڪ هڪ انچ واپس ورتو ويندو.

 

You might also like