ڪراچي (عوامي آواز نيوز) شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 73هين سالگرهه جي موقعي تي اڄ گڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزار اندر قرآن خواني ڪئي ويندي، جتي شهيد بينظير ڀٽو جي روح کي ايصالِ ثواب پيش ڪيو ويندو، ان سلسلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو طرفان شهيد بينظير ڀٽو جي 21 جون تي 73هين سالگرهه محرم الحرام جي احترام ۾ سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرن تي سادگي سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، رپورٽن موجب نثار احمد کهڙو جو چوڻ آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جي 73هين سالگرهه محرم الحرام جي احترام ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ سادگي سان ملهائي ويندي ۽ قرآن خواني ۽ دعا جون تقريبون منعقد ڪيون وينديون، پارٽي جون ضلعي سطح تي سڀ تنظيمون ۽ سڀ ضلعي عهديدار سنڌ جي هر ضلعي ۾ اڄ شهيد بينظير ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي قرآن خواني ۽ دعا جون تقريبون منعقد ڪن ۽ محرم الحرام جي احترام ۾ ڪيڪ ڪاٽڻ جون رسمون ادا نه ڪيون وڃن.