ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي بلقيس مختار سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته سنڌ ۾ جمهوريت نالي ڪا شئي ناهي، هتي بادشاهت جو راڄ آهي، هن چيو ته مان اهڙي جمهوريت کي جمهوريت نٿي مڃان، اهڙي حڪومت کي حڪومت نٿي مڃان، ۽ اهڙي بجيٽ کي عوامي بجيٽ نٿي مڃان جنهن جا ثمر عام عوام تائين نه پهچن، جنهن سان انهن جون ضرورتون پوريون نه ٿين، روزگار، امن ۽ امان قائم نه ٿئي.مهانگائي، بيروزگاري، صحت جون اڻپوريون سهولتون، امن امان جي خراب صورتحال، vپاڻي، بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ ۽ انهن جا وڏا بل هر شهري کي پريشان ڪري رهيا آهن. پورو ڪراچي کنڊر بڻجي ويو آهي.هن چيو ته شهرن جي حالت ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته جڏهن شهرن جو اهو حال آهي ته پوءِ ڳوٺن جو ڪهڙو حال هوندو؟ هن چيو ته جيڪڏهن اجلاس صرف بجيٽ پاس ڪرڻ لاءِ آهي ۽ اپوزيشن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ته پوءِ هي بجيٽ سيشن ناهي، صرف هڪ رسمي ڪارروائي آهي. جڏهن تائين عوامي نمائندن سان مشورو نه ڪيو ويندو، بجيٽ ڪڏهن به عوامي بجيٽ نه ٿي سگهندي.هن چيو ته توهان پنهنجي ايم پي ايز کي پنجاهه پنجاهه ڪروڙ ڏئي رهيا آهيو، پر اپوزيشن جي ايم پي ايز کي هڪ ٽڪو به نٿا ڏيو،. ڇا انهن جو ڏوهه صرف اهو آهي ته هو ڪراچي يا حيدرآباد مان آهن؟هن چيو ته ميگا پروجيڪٽ جي بدران عوام کي روزگار ڏيو، پاڻي ڏيو، بجلي ڏيو، گئس ڏيو، امن امان ڏيو.هن چيو ته مارچ کان هينئر تائين ساڍا ٽي کان ساڍا چار هزار موٽرسائيڪلون چوري يا ڦر ٿيون آهن. سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون موجود ناهن، سرڪاري اسڪولن ۾ فرنيچر ناهي، ٻار زمين تي ويهي پڙهن ٿا.ڪراچي جيڪو معاشي حب آهي، ان کي توهان ڇا ڏنو آهي؟هن چيو ته بلدياتي نظام کي مضبوط ڪيو وڃي.جيڪڏهن آبادي وڌي ٿي ته انتظامي يونٽ وڌائڻا پوندا، هن چيو ته هڪ صاحب چيو ته جيڪڏهن نون صوبن جي ڳالهه ٿي ته پادر کائيندئو،مان چوان ٿي ته ننڍا سينڊل اسان وٽ به آهن