سنڌ ۾ڪهڙي بهتري آئي؟رڳو ڪرپشن جو اگهه وڌيو آهي:مخالف ڌر

پهچي وئي آهي،هن چيو ته ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ اينٽي ڪرپشن کاتو آهي، پر ڪرپشن کي ڪير روڪيندو؟2022 ۾۾ اينٽي ڪرپشن جي بلڊنگ لاءِ ٽينڊر ٿيو، ۽ پندرهن مهينن جو وقت ڏنو ويو ته منصوبي کي مڪمل ڪيو وڃي، جنهن جي لاڳت 75 ڪروڙ رپيا هئي.اڄ اسان 2026 ۾ ويٺا آهيون، ۽ ان عمارت جا صرف ٻه فلور ٺهيا آهن، جڏهن ته اها اٺ ماڙ عمارت هئڻ گهرجي هئي.پر هتي ڳالهه ختم نٿي ٿئي.ريوائزڊ ايسٽيميٽس ۾ پي سي-ون ٻيهر پيش ڪيو ويو آهي، جنهن جي لاڳت 2.5 ارب رپيا آهي.هاڻي اها عمارت ٺهندي، ۽ هي سڄو تماشو اسان جي سسٽم تي هڪ سوال آهي.هن چيو ته اينٽي ڪرپشن جيڪو ڪرپشن روڪڻ لاءِ ٺهيو هو، ان جي عمارت به ڪرپشن کان سواءِ نٿي ٺهي سگهي.۽ مان ڊپٽي سيڪريٽري فليٽس، گورنر هائوس (جي او آر-1)، ۽ جي او آر-2 ۾ به ساڳيو طريقو اختيار ڪيو ويو آهي.سي ايم سيڪريٽريٽ ۾ به ساڳيو “ريوائزڊ ايسٽيميٽس” جو طريقو استعمال ڪيو ويو آهي.هاڻي سوال اهو آهي ته اهي ٺيڪيدار ڪير آهن؟انهن وٽ ايترو پئسو ڪٿان اچي ٿو؟اسان انهن کي ڇو نوازيون پيا؟هن چيو ته هاڻي ريڊ لائن ۽ ييلو بي آر ٽي  جهڙا منصوبا به اچي رهيا آهن. هڪ منصوبي ۾ صرف هڪ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ئي 8 ارب 50 ڪروڙ رپيا هضم ڪري ويو.ته پوءِ سوچيو ته باقي وڏيون “مڇيون” ڪيتريون هونديون، جيڪي اربن ۾ کيڏي رهيون آهن.اسان هتي حلال ڪم ڪري لکين رپيا نٿا ڪمائي سگهون، جڏهن ته هو اربن ۾ کيڏي رهيا آهن.ايم ڪيو ايم فهيم پٽني چيو ته هو الله جو شڪر ادا ڪري ٿو جو بلديه فيڪٽري سانحي بابت سپريم ڪورٽ تاريخي فيصلو ڏنو. هن چيو ته ان سانحي ۾ ايم ڪيو ايم جو ڪو به ڪردار نه هو.هن چيو ته حڪومتي ميمبر پاڻ ئي مسئلن جو ذڪر ڪري رهيا آهن، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته گذريل 18 سالن ۾ سنڌ ۾ ڇا ٿيو آهي. جڏهن آرٽيڪل 140-اي تي عملدرآمد جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته سنڌ حڪومت راضي نه ٿي ٿئي. وفاق کان ملندڙ وسيلا صوبن ۾ منصفاڻي نموني ورهايا نٿا وڃن.ريحان بندوڪڙا چيو ته سندس تڪ جون سڀئي ڪالونيون بنيادي مسئلن جو شڪار آهن. 16 ڪلاڪن تائين بجلي نه هوندي آهي. هن چيو ته سنڌ پوليس جي حالت خراب آهي. گهرو وزير کي ڪيترائي ڀيرا درخواست ڪئي آهي ته ڊفينس واري علائقي ۾ بي حيائي جا اڏا هلي رهيا آهن. ڪراچي انتهائي نازڪ مرحلي تي بيٺو آهي. جيڪڏهن حڪومت 50 سيڪڙو ڪم ڪري ته باقي ذميواري اسان نڀائينداسين. ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر فوزيه حميد چيو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ناهي. ماڻهو پاڻي لاءِ دربدر آهن. نه پاڻي آهي، نه بجلي ۽ نه گئس. ماڻهو عزاداري ڇڏي پاڻي جي ٽينڪرن پٺيان ڊوڙي رهيا آهن. بجيٽ ۾ عوامي ڀلائي لاءِ ڪو اهم پروگرام شامل ناهي. ڪراچي لاءِ 100 ارب رپين جا منصوبا رکيا ويا آهن، جڏهن ته ڪراچي ملڪ جي 95 سيڪڙو آمدني ڏئي ٿو، پر شهر کي پنهنجو جائز حق نٿو ملي،

 

You might also like