صحت لاءِ زهر قرار ڏنل خوراڪ کان پرهيز به نقصانڪار؟ سائنسدان جي حيران ڪندڙ تحقيق

نئين تحقيق ۾ حيرت جوڳي ڳالهه سامهون آئي آهي ته خوراڪ مان کنڊ کي مڪمل طور ختم ڪرڻ هميشه فائديمند ناهي هوندو، پر ڪجهه حالتن ۾ اهو جسم جي خوراڪ کي توانائي ۾ بدلائڻ واري نظام تي ناڪاري اثر به وجهي سگهي ٿو.

هي تحقيق آمريڪي شهر شڪاگو ۾ ٿيل هڪ طبي گڏجاڻي دوران پيش ڪئي وئي.

تحقيق ۾ ڪوئن کي 16 هفتن تائين ٻه مختلف قسم جون خوراڪون ڏنيون ويون. هڪ ٽولي کي گهٽ چرٻي واري اهڙي خوراڪ ڏني وئي جنهن ۾ عام کنڊ شامل هئي، جڏهن ته ٻئي ٽولي کي ساڳي قسم جي خوراڪ ڏني وئي پر ان ۾ کنڊ بلڪل شامل نه هئي.

نتيجن مان خبر پئي ته جيتوڻيڪ ٻنهي ٽولين جو وزن لڳ ڀڳ هڪجهڙو رهيو، پر کنڊ کان مڪمل پرهيز ڪندڙ ڪوئن ۾ ڪيترائي اڻڄاتل صحت جا مسئلا سامهون آيا.

سائنسدانن موجب، کنڊ کان مڪمل طور محروم ڪوئن ۾ رت جي مٺاڻ کي ضابطي ۾ رکڻ جي صلاحيت متاثر ٿي وئي، جسم جي مٺاڻ قبول ڪرڻ واري سگهه گهٽجي وئي، جسماني نظام ۾ خرابيءَ جون نشانيون ظاهر ٿيون، آنڊن ۾ موجود فائديمند جراثيمن جو توازن بگڙي ويو، آنڊن جي سُوڄ وڌي وئي ۽ جگر ۾ اهڙيون تبديليون ڏسڻ ۾ آيون جيڪي چرٻي گڏ ٿيڻ واري جگر جي بيماري سان لاڳاپيل سمجهيون وڃن ٿيون.

تحقيق جي سربراهه جو چوڻ آهي ته نتيجا ظاهر ڪن ٿا ته صحتمند خوراڪ ۾ توازن انتهائي اهم آهي ۽ ڪنهن هڪ جز کي مڪمل طور ختم ڪرڻ لازمي ناهي ته فائديمند ثابت ٿئي.

هن وضاحت ڪئي ته عام کنڊ جو مڪمل خاتمو آنڊن ۾ موجود فائديمند جراثيمن کي متاثر ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته اهي جراثيم جسم جي خوراڪ کي توانائي ۾ بدلائڻ واري نظام ۽ سُوڄ کي ضابطي ۾ رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.

ماهرن واضح ڪيو ته هي تحقيق جانورن تي ڪئي وئي آهي، تنهنڪري هن مرحلي تي اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته انسانن ۾ به بلڪل ساڳيا نتيجا سامهون ايندا. ان سلسلي ۾ انسانن تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

تحقيق موجب مستقبل ۾ غذائي هدايتون رڳو کنڊ کي مڪمل ختم ڪرڻ بدران، مجموعي غذائي توازن، صحتمند نشاستيدار خوراڪ جي استعمال ۽ آنڊن جي صحت کي نظر ۾ رکي تيار ڪرڻ گهرجن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته وڌيڪ کنڊ نقصانڪار ضرور آهي، پر ان کان مڪمل پرهيز هر حالت ۾ بهترين واٽ نٿي ٿي سگهي، اعتدال ۽ متوازن خوراڪ ئي سٺي صحت جو بنياد آهي.

You might also like