عورتن جو ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ: پاڪستان بنگلاديش کان به هارائي ويو

عورتن جي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ 2026ع ۾ بنگلاديش پاڪستان کي 23 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، قومي ٽيم جي لڳاتار ٽين هار ٿي وئي.

سائوٿيمپٽن ۾ کيڏيل گروپ مقابلي ۾ بنگلاديش طرفان ڏنل 124 رنسن جي هدف جي پويان پاڪستاني عورتن جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 100 رنسون ٺاهي سگهي.

پاڪستاني اوپنرن شاندار شروعات ڪندي پهرين وڪيٽ لاءِ 49 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، پر وچئين ترتيب جون بيٽر باقي 12 اوورن ۾ وڌيڪ 75 رنسون ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيون.

اوپنر منيبه علي 25 ۽ گل فيروزا 23 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته عائشه ظفر 11 ۽ ٽيم جي اڳواڻ فاطمه ثناءَ 10 رنسون ٺاهي نمايان رهيون. انهن کانسواءِ ٻي ڪا به بيٽر ٻٽي انگ تائين پهچي نه سگهي.

بنگلاديش طرفان سنجيده اختر ۽ ناهيده اختر ٽي ٽي وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته رابعه خان ۽ رتو موني هڪ هڪ رانديگرياڻي کي آئوٽ ڪيو.

ان کان اڳ بنگلاديش جي ٽيم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 123 رنسون ٺاهيون.

بنگلاديش طرفان شورنا اختر 22 بالن تي ناقابلِ شڪست 39 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته نگار سلطانه 36 ۽ سبحانه مستري 22 رنسون ٺاهيون.

پاڪستان طرفان فاطمه ثناءَ 4 اوورن ۾ 18 رنسون ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته سعديه اقبال، تسميه رباب، نشره سنڌو ۽ طوبيٰ حسن هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ياد رهي ته ان کان اڳ به پاڪستاني ٽيم کي ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا خلاف مقابلن ۾ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو هو.

You might also like