”اٽلي ۽ مان ڪنهن جي آڏو هٿ ناهي ٽنگيو“جارجيا ميلوني جي ٽرمپ تي تنقيد

روم(ع آ نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان کان پوءِ اطالوي وزيراعظم جارجيا ميلوني مٿس تنقيد ڪئي. آمريڪي صدر ٽرمپ هڪ اطالوي ٽي وي چينل سان انٽرويو ۾ چيو ته جارجيا ميلوني G7 سربراهي اجلاس ۾ ساڻس گڏ فوٽو ڪڍڻ لاءِ تمام گهڻيون منٿون ڪيون. فرانس  ۾ ملاقات جي هڪ وڊيو ۾، ميلوني ۽ ٽرمپ کي هڪ صوفي تي گڏ ويٺي ۽ ڳالهائيندي ڏٺو ويو، جڏهن ته ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته هن صرف ‘مهرباني’ طور ميلوني سان ڳالهايو.اطالوي ٽي وي چينل جي مطابق، ٽرمپ چيو، ‘هوءَ شايد خوش آهي ته مون هن سان ڳالهايو، مون کي هن سان ڳالهائڻ جي ضرورت نه هئي. جارجيا ميلوني ٽرمپ جي بيان تي سخت لفظن ۾ جواب ڏيندي چيو ته، ‘ڊونلڊ ٽرمپ جا بيان مڪمل طور تي بناوتي آهن، مان واقعي حيران آهيان. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آمريڪي صدر پنهنجي اتحادين سان اهڙو سلوڪ ڇو ڪري ٿو ۽ هي پهريون ڀيرو ناهي. ميلوني زور ڏنو ته ‘هڪ ڳالهه انهن کي ياد رکڻ گهرجي ته اٽلي ۽ مان ڪڏهن به ڪنهن ڏانهن هٿ نه ٽنگيندا آهيون’.هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي جي مطابق، هن معاملي تي اطالوي حڪومت جي ناراضگي جو اندازو ان حقيقت مان به لڳائي سگهجي ٿو ته پرڏيهي وزير انتونيو تاجاني ايندڙ هفتي آمريڪا جي پنهنجي رٿيل دورو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

 

You might also like