جنيوا/تل ابيب/بيروت(ع آ نيوز) لبنان ۾ اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ جنگ بندي تي اتفاق ٿي ويو آهي، جيڪا مقامي وقت موجب شام 4 وڳي کان لاڳو ٿي چڪي آهي. جڏهن ته لبنان تي حملا جاري رکڻ سبب ايران ڪالهه سوئزرلينڊ ۾ رٿيل ڳالهيون ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو. اسرائيلي ميڊيا موجب، هي معاهدو آمريڪا ۽ قطر جي ٽياڪڙي ۾ طئي ٿيو، جنهن ۾ آمريڪا اسرائيل سان، جڏهن ته قطر ايران سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.هڪ اسرائيلي ذريعي عبراني ميڊيا کي تصديق ڪئي ته جنگ بندي لاڳو ٿي چڪي آهي، ان کان سواءِ اهو به چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان جي بفر زون ۾ موجود رهندي. ذريعن موجب، اسرائيل خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن حزب الله طرفان ڪو حملو ڪيو ويو ته ان جو جواب ڏنو ويندو.ايراني پرڏيهي وزارت جي ذريعن آمريڪا-ايران ڳالهين جي ملتوي ٿيڻ جو سبب لبنان تي اسرائيلي فوج جي حملي کي قرار ڏنو. ايراني پرڏيهي وزارت جي ذريعن موجب صبح لبنان تي اسرائيلي فوج جي حملي ۾ 16 ماڻهو شهيد ٿيا آهن، ۽ ايراني وفد اسرائيلي ڪارروائين جي ڪري سوئزرلينڊ نه ويو. ذريعن چيو ته باقر قاليباف ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي سوئزرلينڊ وڃڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار هئا، پر ايراني وفد جو دورو اسرائيلي جارحيت جي ڪري آخري وقت تي ملتوي ڪيو ويو. ذريعن موجب، آمريڪا سان ملتوي ڪيل ڳالهين جي نئين تاريخ يا جڳهه اڃا تائين طئي نه ڪئي وئي آهي.ذريعن چيو ته لبنان ۾ اسرائيل جو آپريشن گذريل ڪجهه هفتن ۾ بدترين بمباري آهي.