اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شين جي نون اگهن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته علائقي ۾ معاشي صورتحال ۾ بهتري ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو فوري طور عوام تائين منتقل ڪيو پيو وڃي، ملڪ جي عوام ۽ معاشي ماهرن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهن ۾ لاٿ جي حساب سان اڃا 65 رپيا پيٽرول في ليٽر گهٽ ٿيڻ گهرجي، حڪومت 65 رپين جي سُئي عوام کي لڳائي آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول اگهه تمام گهڻا گهٽ ٿيا آهن پر هتي ٽن ڏينهن کان صرف گڏجاڻيون ڪيون ويون، پيٽرول جا اگهه وڌائڻ وقت حڪومت دير ئي ناهي ڪندي گهٽائڻ وقت ٽي چار ڏينهن سوچيو وڃي، حڪومت کي اڃا 60 کان 70 رپيا پيٽرول اگهن ۾ لاٿ ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته قوم سان ڪيل واعدو پورو ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 74 رپيا ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 67 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، هن اعلان موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت 373 رپين مان گهٽجي 299 رپيا ٿي ويندي، جڏهن ته ڊيزل جي في ليٽر قيمت 378 رپين مان گهٽجي 311 رپيا رهجي ويندي، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت کي عوام جي ڏکيائين جو مڪمل احساس آهي ۽ ڏکين حالتن ۾ صبر ۽ سهپ جو مظاهرو ڪرڻ تي عوام جي ٿورائتي آهي، بحران جي شروعات کان ئي حڪومت پنهنجي وسيلن موجب تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، وفاقي حڪومت ترقياتي بجيٽ ۽ بچت واري پاليسي مان حاصل ٿيل 129 ارب رپيا استعمال ڪري عوام کي تيل جي اگهن ۾ واڌ جي اثرن کان ممڪن حد تائين بچايو، وزيراعظم موجب علائقي ۾ معاشي بحران دوران ڪيترن ئي ملڪن ۾ فيول راشننگ جا قدم کنيا ويا، جڏهن ته ملڪ جي عوام ۽ معاشي ماهرن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهن ۾ لاٿ جي حساب سان اڃا 65 رپيا پيٽرول في ليٽر گهٽ ٿيڻ گهرجي، حڪومت 65 رپين جي سُئي عوام کي لڳائي آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول اگهه تمام گهڻا گهٽ ٿيا آهن پر هتي ٽن ڏينهن کان صرف ميٽنگون ڪيون ويون، پيٽرول جا اگهه وڌائڻ وقت حڪومت دير ئي ناهي ڪندي گهٽائڻ وقت ٽي چار ڏينهن سوچيو وڃي، حڪومت کي اڃا 60 کان 70 رپيا پيٽرول اگهن ۾ لاٿ ڪرڻ گهرجي.
پيٽرول 225 رپيا في ليٽر ڪيو وڃي: جماعت اسلامي
لاهور (بيورو) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پيٽرول جي موجوده قيمت اڃا به وڌيڪ آهي ۽ ان کي 225 رپيا في لٽر تائين آڻڻ گهرجي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ 74 رپيا گهٽتائي عوامي دٻاءُ جي ڪاميابي آهي، پر اها اڃا ڪافي ناهي، هن مطالبو ڪيو ته پيٽرول جي قيمتن کي ليـوي کان پاڪ ڪيو وڃي ۽ ايندڙ ٽن سالن لاءِ قيمتون منجمد ڪيون وڃن، ته جيئن صنعت جو اعتماد بحال ٿي سگهي، پيٽرول ۽ ڊيزل سستا ٿيڻ سان مقامي مصنوعات عالمي منڊي ۾ مقابلي جي قابل ٿينديون، هن حڪومت کان اهو به مطالبو ڪيو ته ٻين ضروري شين جون قيمتون به 28 فيبروري جي سطح تي واپس آڻڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.
گڊز ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان
اسلام آباد (بيورو) گڊز ٽرانسپورٽ الائنس طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تاريخي گهٽتائي کان پوءِ گڊز ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، صدر ملڪ شهزاد اعواڻ چيو آهي ته حڪومت جي فيصلي جي ڀرپور آجيان ڪيون ٿا ۽ اميد آهي ته ايندڙ وقت ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌيڪ گهٽ ٿينديون، هن چيو ته ٽرانسپورٽرن ڏکين حالتن ۾ به ملڪ جي وسيع مفاد ۾ گاڏيون نقصان ۾ هلايون، حڪومت کي گهرجي ته ٽول ٽيڪس، ود هولڊنگ ٽيڪس، موٽروي چالان سميت ٻين ٽيڪسن ۾ رليف فراهم ڪري، ان سان گڏ صنعتي شعبي جي لاڳت گهٽائي وڃي ته جيئن معيشت کي استحڪام ملي سگهي، ٽرانسپورٽ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ٽيڪسن ۾ رليف ڏنو وڃي ته ملڪ ۾ ترسيل خرچ گهٽجندا ۽ مهانگائي تي به اثر پوندو، گڊز ٽرانسپورٽرز جو هي فيصلو سڌي ريت عوام ۽ واپارين لاءِ رليف قرار ڏنو پيو وڃي.
پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي، واپارين ۽ صنعتڪارن پاران آجيان
اسلام آباد (بيورو) پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي تي ملڪ جي واپاري ۽ صنعتڪار برادري طرفان مثبت ردعمل سامهون آيو آهي، ايف پي سي سي آءِ جي صدر عاطف اڪرام شيخ، مرڪزي تنظيم تاجران پاڪستان جي صدر ڪاشف چوڌري ۽ ٻين واپاري اڳواڻن حڪومت جي فيصلي کي ساراهيو، واپارين چيو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 74 رپيا في لٽر ۽ ڊيزل ۾ 67 رپيا في لٽر گهٽتائي جو فيصلو نه صرف عوام لاءِ پر صنعت، زراعت، ٽرانسپورٽ ۽ واپار لاءِ به انتهائي فائديمند آهي، ٻارڻ سستو ٿيڻ سان مال برداري، ترسيل ۽ پيداوار جي لاڳت گهٽ ٿيندي، جنهن سان مهانگائي تي ضابطو ۽ معاشي سرگرمين ۾ تيزي ايندي، واپاري اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته توانائي شعبي ۾ وڌيڪ سڌارا آندا وڃن ۽ بجلي جي قيمتن ۾ به نمايان گهٽتائي ڪئي وڃي، صنعت کي عالمي مارڪيٽ ۾ مقابلي لائق بڻائڻ لاءِ سستي بجلي ۽ سستو ايندھن انتهائي ضروري آهي.
تيل جي قيمت 200 رپين کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي ها: فواد چوڌري
اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ تازن مهينن ۾ لاها چاڙها آيا آهن، پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي ۾ پڻ وقت بوقت واڌ ۽ گهٽتائي ڪئي وئي، مارچ 2026 ۽ جون 2026 جي وچ ۾ وفاقي حڪومت آمدني جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۽ ملڪ جي مالي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي ڪئي، خابرو ادارن جي رپورٽن موجب مالي سال 2026 جي بجيٽ ۾ حڪومت پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي صورت ۾ 14.67 ٽريلين رپيا گڏ ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي، جيڪو حڪومت جي متوقع ڪل غير ٽيڪس آمدني (51.4 ٽريلين رپيا) جو 28.5 سيڪڙو ۽ حڪومت جي متوقع ڪل آمدني جو 8.4 سيڪڙو هجڻ جو اندازو آهي، موجوده مالي سال دوران، حڪومت اپريل جي آخر تائين پي ڊي ايل جي صورت ۾ 12.34 ٽريلين رپيا گڏ ڪري چڪي هئي، جڏهن ته باقي رقم جون 2026 جي آخر تائين گڏ ڪرڻي هئي. ان جي موجب حڪومت ٽيڪس وصولي ۾ ڪنهن به گهٽتائي کي پورو ڪرڻ لاءِ پي ڊي ايل مان حاصل ٿيندڙ آمدني استعمال ڪندي آهي، صحافي تنوير ملڪ جي موجب پيٽرول جي في ليٽر پي ڊي ايل هن مهيني 6 جون تي 116 رپيا ۽ پوءِ 13 جون تي 106 رپيا مقرر ڪئي وئي هئي، پيٽرول جي قيمت تي هي اضافي بار پاڪستاني عوام کي پريشان ڪري رهيو آهي، خرم مشتاق نالي هڪ صارف حساب لڳايو آهي ته جيڪڏهن حڪومت پي ڊي ايل 60 کان 70 رپيا تي رکي ته عوام کي پيٽرول 265 کان 275 رپيا في ليٽر ملي سگهي ٿو، ڊاڪٽر مدثر علوي جو خيال آهي ته جيڪڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمت 75 ڊالر في بيرل آهي، ڊالر جي شرح 280 رپيا آهي، پريميئم ۽ مال برداري جي قيمت شامل ڪئي وڃي ٿي ۽ پيٽرول ليوي 117 رپيا في ليٽر تي برقرار رکي وڃي ٿي، ته پاڪستان ۾ پيٽرول جي امڪاني قيمت 277 رپيا في ليٽر جي لڳ ڀڳ آهي، ان مان حساب ڪتاب جي لحاظ کان موجوده قيمت ۾ وڏي گهٽتائي جو دائرو محدود نظر اچي ٿو ڇاڪاڻ ته قيمت جو هڪ وڏو حصو ٽيڪسن ۽ ليويز تي مشتمل آهي، معاشي معاملن جي صحافي ۽ تجزيا نگار شهباز راڻا چوي ٿو ته بحران ڪنهن به حڪومت ۽ قيادت لاءِ هڪ امتحان هوندو آهي، هو چوي ٿو ته پاڪستان مجموعي طور تي ايندھن جي بحران کي چڱي طرح سان منهن ڏنو آهي ۽ سپلاءِ ۾ ڪا به گهٽتائي نه آئي آهي. ان جو ڪريڊٽ وزيراعظم کي وڃي ٿو جنهن بروقت فيصلا ڪيا، نائب وزيراعظم جنهن جهازن جي محفوظ حرڪت لاءِ ڳالهيون ڪيون ۽ پيٽروليم واري وزير کي، پر هو چوي ٿو ته ‘ٽيڪس لڳائڻ جو معاملو ڪمزور ترين پهلو ثابت ٿيو جنهن کي حڪومت موثر طريقي سان نه سنڀالي سگهي، حڪومت کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته ليوي، جيڪا اڄ 80 رپيا في ليٽر تائين گهٽجي وئي آهي، ٻيهر نه وڌي وڃي، اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چوي ٿو ته ‘عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت ۾ گهٽتائي جو رليف عوام تائين نه پهچايو پيو وڃي.’ اصولي طور تي، تيل جي قيمت 200 رپين کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي ها ۽ ڊيزل جي قيمت 210 رپين کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي.
پيٽرول جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي: خرم شهزاد
اسلام آباد (بيورو)ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي، هن چيو ته جيئن قيمتون وڌڻ ۾ وقت لڳندو آهي، تيئن ئي گهٽجڻ ۾ به فوري تبديلي نٿي اچي پر رجحان هاڻي گهٽتائي طرف آهي، ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف اڳ ئي پيٽرول جي قيمت ۾ 74 رپيا ۽ ڊيزل ۾ 67 رپيا گهٽتائي جو اعلان ڪري چڪو آهي، اعلان موجب پيٽرول جي في لٽر قيمت 373 رپين مان گهٽجي 299 رپيا ۽ ڊيزل 378 رپين مان گهٽجي 311 رپيا ٿي ويندي، حڪومت موجب عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو سڌو سنئون عوام تائين منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ مهانگائي گهٽائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا.
پيٽرول جنگ کان اڳ جي قيمت کان لڳ ڀڳ 33 رپيا وڌيڪ مهانگو
اسلام آباد (بيورو) آمريڪا ۽ اسرائيل 28 فيبروري تي ايران خلاف جنگ شروع ڪئي ته ان جي ڪري عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ به تيزي سان اضافو ٿيو، ان جو مک سبب اهو هو ته جنگ وچ اوڀر ۾ توانائي جي پيداوار ۽ ٽرانسپورٽ کي خاص طور تي متاثر ڪيو،28 فيبروري تي، پاڪستان ۾ پيٽرول جي في ليٽر قيمت 266.17 رپيا هئي، تازن هفتن ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ خاص طور تي گهٽتائي آئي آهي. آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت کان پوءِ اهي قيمتون جنگ جي شروعات کان وٺي (يعني مارچ جي شروعات کان وٺي) پنهنجي گهٽ ترين سطح تي اچي ويون، جنگ کان اڳ، برينٽ خام تيل جي قيمت تقريبن 70 ڊالر في بيرل هئي. پر جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ، اها وڌي 120 ڊالر في بيرل کان وڌيڪ ٿي وئي هئي، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي دستخط ٿيڻ کان پوءِ، ڪچي تيل جي قيمت خميس تي تقريبن 76 ڊالر في بيرل ٿي وئي، جيتوڻيڪ اهو ٻيهر وڌي ويو ۽ هاڻي 80 ڊالر في بيرل کان ٿورو هيٺ سطح تي آهي، جنگ جي شروعات کان وٺي پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ هيٺيون تبديليون آيون، 7 مارچ تي پيٽرول 55 رپيا في ليٽر وڌي 321.17 رپيا في ليٽر ٿي ويو، 3 اپريل تي پيٽرول جي قيمت 137.24 رپيا في ليٽر وڌي 458.41 رپيا في ليٽر ٿي وئي، 5اپريل تي قيمت 80.41 رپيا في ليٽر گهٽجي 378 رپيا في ليٽر ٿي وئي، 11 اپريل تي قيمت 11.42 رپيا في ليٽر گهٽجي 366.58 رپيا في ليٽر ٿي وئي، 25 اپريل تي پيٽرول 26.77 رپيا في ليٽر وڌي 393.35 رپيا في ليٽر ٿي ويو،1 مئي تي قيمت 6.51 رپيا في ليٽر وڌي 399.86 رپيا في ليٽر ٿي وئي، 9 مئي تي پيٽرول 14.92 رپيا في ليٽر وڌي 414.78 رپيا في ليٽر ٿي ويو، مئي ۽ جون ۾ ڪجهه رپين جي مسلسل گهٽتائي کان پوءِ، 19 جون تي پيٽرول جي قيمت لڳ ڀڳ 378 رپيا في ليٽر آهي، ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف پيٽرول جي قيمت ۾ 74 رپيا گهٽتائي جو اعلان ڪيو ۽ نئين قيمت 299 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي، هن اهم گهٽتائي کان پوءِ به، پيٽرول جنگ جي شروعات کان اڳ جي قيمت کان لڳ ڀڳ 33 رپيا وڌيڪ آهي.