ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ تي پ پ ۽ نون ليگ سوديبازي ڪئي:زين شاهه

حيدرآباد (رپورٽ:حسيب لطيفي )سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي  سنڌ جي وسيلن, پاڻي ۽ ناڻي جهڙن منصوبن تي سنڌ جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي, اسين آئين کان مٿان فيصلا نه مڃنداسين سنڌ سرڪار کي استعيفا ڏيڻ  گهرجي, عوام تحريڪ جي تياري ڪري اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو  هن چيو ته سنڌ يونائيٽڊ پارٽي وفاقي ۽ سنڌ بجيٽ کي پاڪستان ۽ سنڌ جي عوام جي حقن تي ڌاڙو قرار ڏئي ٿي. هن چيو ته هي ٻئي بجيٽون امير کي امير تر , غريب کي غريب تر ڪرڻ ۽ وچولي طبقي جو رت چوسڻ جون بجيٽون آھن. هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ رڳو 7 سيڪڙو واڌارو ڪري انھن جي آمدني ۾ ڪٽوتي ڪئي وئي آهي. مھانگائي ۾  مئي 2026ع جي سرڪاري شرح 11.7 سيڪڙو آھي جڏھن ته  مھانگائي آسمان سان ڳالھيون ڪري رھي آھي, هن چيو ته اھڙي صورتحال ۾ رڳو 7 سيڪڙو واڌ غريب ۽ وچولي طبقي سان سنگين مذاق آھي. سيد زين چيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سمجھي ٿي ته پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ صوبن جي حصي ۾ 3 سالن  تائين ٿيل واڌ وفاق حوالي ڪري عملي طور صوبائي خودمختياري، اين ايف سي ايوارڊ ۽ 18 ھين ترميم تي سوديبازي ڪري غير آئيني قدم کنيو آھي ڇا اھو قدم آئين جي آرٽيڪل 6 جي دائري ۾  نٿو اچي ؟ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد زين شاهه چيو ته اين ايف سي جي ستين ايوارڊ تحت ملڪ مان گڏ ڪيل ڪل پئسو 57.5 سيڪڙو صوبن جو حصو ھئو ۽  42.5 سيڪڙو مرڪز جو حصو رکيو ويو توڙي جو اسان کي اين ايف سي جي انهي فارمولي تي اعتراض آهن جنھن ۾  82 سيڪڙو آبادي جي بنياد تي معاشي ورڇ ڪئي وڃي ٿي جنهن جو فائدو وڏي صوبن کي ملي ٿو پر جيڪڏهن  57.5  سيڪڙو تي ئي ڳالهائجي جنھن مان پيٽروليم ليوي تحت 862 ارب رپيا جيڪي صوبن جو حصو ٺھي ٿو اهو سڌو  سنئو مرڪز کڻي ٿو، اهو فيصلو 2011 ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي رضامندي سان ٿيو جيڪو اڄ تائين اسان جي ڳچيءَ ۾ پيل آهي، انهي ليوي جي مد ۾ هن سال 1.5 ٽريلين رپيا مرڪز کي ڏنا ويندا  جيڪو عمل  صوبن جو معاشي قتل عام آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي بجيٽ ۾ ترقياتي پروگرامن جي مد ۾ 30 سيڪڙو ڪٽوتي ڪرڻ تباھي کي دعوت ڏيڻ جي برابر آهي. هن چيو ته سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ۾ گھٽ ۾ گھٽ 50 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي ۽ رشوت ۽ ڪميشنن جي نظام کي ٻنجو ڏئي معياري ترقياتي پروگرامن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي.  هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي وفاق جي ماتحت ھلائڻ جي سازشن تي پيپلزپارٽي سکڻي واويلا ڪري عملي طور ڏاڪي به ڏاڪي ڪراچي جي زمين، پاڻي ۽ وسيلا وفاق حوالي ڪندي رھي آھي جنھن جي شروعات ڪراچي پورٽ ۽ نيوي وفاق حوالي ڪرڻ سان ڪئي وئي آهي جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي ۽ ان ۾ تيزي آئي آهي. هن چيو ته ترقياتي پروگرامن جي آڙ ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي زمين، پاڻي ۽ وسيلا وفاق ۽ غير ملڪي ڪمپنين حوالي ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ زمين جي مالڪي تي سنڌ جا حق محفوظ ڪيا وڃن جيڪا ڌر سنڌ جي زمينن، پاڻي، وسيلن ۽ اختيارن  جي مالڪي ۽ حفاظت نٿي ڪري سگھي تنھن کي سنڌ تي حڪمراني ڪرڻ جو ڪو حق حاصل ناهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي حقن تي سوديبازي ڪندي رھي آھي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي سنڌ سرڪار جي استعيفا جي گھر ڪري ٿي ۽ ٻي صورت ۾ سنڌ جي عوام کي اپيل ڪري ٿي ته پنھنجي حقن جي حفاظت لاءِ ڀرپور تحريڪ جي تياري ڪن.

 

You might also like