ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪراچي جي بي آر ٽي يلو لائين منصوبي ۾ مبينا بي ضابطگين جي نشاندهي بعد سنجيده قدم کڻندي جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو جڏهن ته وڏي پيماني تي مالي بي ضابطگين جا انڪشاف سامهون آيا آهن، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه مالي بي ضابطگين بابت شڪايتن تي پنهنجي انسپيڪشن ٽيم کي جاچ جو حڪم ڏنو هو. جاچ بعد چيئرمين سي ايم انسپيڪشن ٽيم بلال ميمڻ پنهنجي سفارشون وڏي وزير ڏانهن موڪلي ڇڏيون آهن، رپورٽ موجب پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي ۽ جهمن داس مبينا طور تي چيڪ ينڊ بيلنس جي نظام کي نظرانداز ڪيو ۽ ٺيڪيدارن کي ضابطن جي ابتڙ ساڍا اٺ ارب رپين جون اڳواٽ ادائيگيون ڪيون. جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهڙين ادائيگين سبب نه رڳو يلو لائين منصوبو پر مالياتي اداري سان ٿيل معاهدو به خطري ۾ پئجي ويو، رپورٽ موجب ڪنٽريڪٽ مينيجمينٽ، ٽيڪس ڪٽوتي ۽ سرڪاري خزاني ۾ رقم جمع ڪرائڻ بابت انتظامي ضابطن جي بار بار ڀڃڪڙي ڪئي وئي، جاچ دوران اهو به سامهون آيو ته معاهدن جي ڀڃڪڙي ۽ مبينا ناجائز فائدا ڏيڻ سبب سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل مالياتي اداري جي مفادن کي نقصان پهتو، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اختيارن جي مبينا ناجائز استعمال جي بنياد تي اڳ ئي اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ فوجداري جاچ جي به سفارش ڪئي وئي آهي، جاچ ڪندڙن موجب سموري عمل دوران مالي ۽ حفاظتي ضابطن کي نظرانداز ڪيو ويو، جڏهن ته رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اهڙيون بي ضابطگيون لاڳاپيل آفيسرن جي سرڪاري خدمتن لاءِ اهليت بابت به سوال اٿارين ٿيون.