اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي ۾ 0.46 سيڪڙو واڌ ٿي جنهن کان پوءِ مجموعي سالياني مهانگائي جي شرح 15.28 سيڪڙو تائين پهچي وئي، ڳڻپ واري اداري پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب گذريل هفتي دوران 25 ضروري شين جي قيمتن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، رپورٽ موجب 11 شيون سستيون ٿيون جڏهن ته 15 شين جون قيمتون مستحڪم رهيون، هفتي دوران ٽماٽن جي قيمت ۾ 16.65 سيڪڙو، پٽاٽن جي قيمتن ۾ 6.82 سيڪڙو ۽ ڪڪڙ جي قيمتن ۾ 5.60 سيڪڙو واڌ ٿي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪپڙا ڌوئڻ واري صابڻ جي قيمت ۾ 1.16 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته کير، ڏهي، گوشت ۽ آنن سميت ٻين شين جون قيمتون به وڌيون، ان کان سواءِ ايل پي جي جي قيمت ۾ 0.51 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، ٻئي پاسي ڪجهه شيون سستيون به ٿيون، جن ۾ بصر 2.98 سيڪڙو، لوسڻ 2.51 سيڪڙو ۽ ڪيلا 1.28 سيڪڙو سستا ٿيا، رپورٽ موجب ڊيزل جي قيمت ۾ 1.06 سيڪڙو ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 0.52 سيڪڙو گهٽتائي پڻ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته دالين ۽ اٽي جي قيمتن ۾ به ڪجهه گهٽتائي ڏٺي وئي.