ٻھارا (رپورٽ: احمد) قومي عوامي تحريڪ پاران ٻھارا شھر ۾ پاڻي جي کوٽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ذوالفقار آباد نالي تي شھر ٺاھڻ خلاف ڪراچي ڪيٽي بندر روڊ تي احتجاجي ڌرڻوقومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مرتضيٰ لاشاري ياسر جاکرو حبيب الله پليجو عبدالغفور سومرو ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ترقي جي نالي تي سنڌ جا وسيلا خاص ڪري سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، سنڌ ۾ ذوالفقار آباد نالي شهر ٺاهي لکين ايڪڙ زمينون سرمائيدارن کي وڪرو ڪيون پيون وڃن ۽ سرمائيدارن طرفان سنڌ جي ساحلي پٽي سان ملندڙ خاص ڪري گهارو ۽ ساڪرو روڊ تي ڪارخانا قائم ڪيا آهن پر سرمائيدار سنڌ دشمن پاليسي تحت سنڌ جي ماڻهن لاءِ انهن ڪارخانن ۾ نوڪرين جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن ملڪ ۾ سنڌ جي ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي به سنڌ کي فراهم نه ڪئي پئي وڃي، سڄي سنڌ اونداهي ۾ ٻڏي وئي آهي ۽ سنڌو درياھ جي پاڻي تي قبضو ڪري سنڌ جون زمينون بنجر بڻايون پيون وڃن ،سنڌ جي قدرتي وسيلن، ٽيڪسن، سنڌ جي بندرگاهن تي قبضا ڪيا پيا وڃن هنن وڌيڪ چيو ته ضلعي، جي هر ننڍي وڏي شهر جي بازار ۾ وڃي سنڌ جي عوام کي ٻڌائينداسين ته اوهان جا وسيلا، اوهان جون زمينون، اوهان جو پاڻي غضب ڪيو پيو وڃي، سنڌ جي صنعتن ۾ سنڌ جي نوجوانن کي روزگار نه ڏنو پيو وڃي، جيستائين اسان سنڌي متحد نه ٿيندا، سين تيستائين سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ جو سلسلو بند نه ٿيندو، سنڌ جا وسيلا بچائڻ لاءِ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻيءِ ۾ اسان جي جدوجھد جاري آهي ۽ جاري رهندي.