جَي ڊِي وينس جي تنقيد کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم جو چتاءُ، ” نيتن ياهو جي حڪومت تبديل نه ٿي ته اسرائيل دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويندو“

لنڊن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي نائب صدر جَي ڊِي وينس، آمريڪا-ايران مفاهمتي يادداشت نامي تي اسرائيلي وزيرن جي تنقيد جو جواب ڏيندي چيو آهي ته ” جيڪڏهن مان اسرائيلي ڪابينا ۾ هجان ها ته پنهنجي واحد ۽ طاقتور اتحادي (آمريڪا) کي نشانو نه بڻايان ها.“
هن چيو ته گذريل ٽن مهينن دوران اسرائيل جي بچاءُ لاءِ استعمال ٿيل ٻه ڀاڱي ٽي هٿيار آمريڪي هئا، جيڪي آمريڪي ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسن مان تيار ڪيا ويا هئا.
وينس اسرائيلي وزيرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو صدر ٽرمپ تي تنقيد ڪرڻ بدران زميني حقيقتن کي ڌيان ۾ رکن ۽ هوش کان ڪم وٺن.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به لبنان ۾ اسرائيلي هوڏ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.
ڪجهه ڏينهن هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڪنهن هڪ شخص کي ڳولڻ لاءِ پوري عمارت کي تباهه ڪرڻ جي ضرورت ناهي.
ٽرمپ موجب، هو لبنان ۾ اسرائيل جي ڪارروائين مان خوش ناهي ۽ جيڪڏهن اسرائيل عام ماڻهن کي مارڻ کان سواءِ اهو ڪم نٿو ڪري سگهي ته پوءِ ٻيو ڪو (شام) اهو ڪندو.
ٽرمپ اڳ ۾ ئي چئي چڪو آهي ته اسرائيل کي آمريڪا جو شڪر گذار هئڻ گهرجي.
اسرائيلي حڪومت اڳ ۾ ئي واضح ڪري چڪي آهي ته هوءَ ايران سان ٿيل معاهدي جي پابند ناهي ۽ لبنان ۾ سندن فوجي ڪارروائيون جاري رهنديون.
وزيراعظم نيتن يا هو جو چوڻ آهي ته هو ڏکڻ لبنان ۾ سيڪيورٽي بفر زون کي برقرار رکڻ چاهين ٿا ۽ اتان پوئتي هٽڻ جو ڪو ارادو نٿا رکن.
ٻئي پاسي اسرائيل جي قومي سلامتي واري وزير اتمار بن گوير انتهائي چڙ ڏياريندڙ بيان ڏيندي چيو ته”هر اسرائيلي ماءُ جي هڪ ڳوڙهي جي بدلي هزارين لبناني مائرن کي روئڻ گهرجي ۽ سمورو لبنان کي ساڙڻ گهرجي.“
اسرائيل جي اپوزيشن اڳواڻ يائير لاپيد حڪومت تي تنقيد ڪندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن نيتن ياهو جي حڪومت کي جلد تبديل نه ڪيو ويو ته اسرائيل جا پرڏيهي لاڳاپا ختم ٿي ويندا.
هن چيو ته حڪومت جا بيان آمريڪا ۽ يورپي يونين سان لاڳاپن کي داءُ تي لڳائي رهيا آهن.
واضح رهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ 14 نڪاتي معاهدي باوجود، لبنان ۾ چڪريون جاري آهن.
گذريل رات اسرائيلي حملن ۾ ڏکڻ لبنان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 18 ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا، جڏهن ته اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته انهن چار فوجي پڻ مارجي ويا آهن.
آءِ ڊي ايف دعويٰ ڪئي آهي ته هنن حزب الله جا 80 ٿاڪ تباهه ڪيا آهن.
تجزيي نگارن موجب، هي لفظي ويڙهه رڳو هڪ شروعات آهي. ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن نيتن ياهو لبنان مان فوج نه ڪڍي ته صدر ٽرمپ هٿيارن جي فراهمي ۾ رنڊڪ کڙي ڪري سگهي ٿو يا مستقبل ۾ هٿيارن تي پابندي لڳائي سگهن ٿا.
ان کانسواءِ ڪجهه تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته هي معاملو رڳو بيانن تائين محدود رهندو ۽ ان سان واشنگٽن جي اسرائيل بابت پاليسي ۾ ڪا وڏي تبديلي نه ايندي.

You might also like