قاهرا (ويب ڊيسڪ) مصر جي ميزباني هيٺ پاڪستان سعودي عرب، ترڪي جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس آچر تي ٿيندو.
مصري پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، ملڪ جو پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي آچر تي پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي جي پنهنجن هم منصبن جي ميزباني ڪندو.
پڌرائي موجب، عبدالعاطي آچر تي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان، ترڪي جي هاڪان فيدان ۽ پاڪستان جي اسحاق ڊار سان ملاقات ڪندو، جنهن کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي ويندي.
بيان ۾ ڳالهين جي موضوع جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي، پر چار ئي ملڪ وچ اوڀر ۾ جاري جنگ بابت ٽياڪڙي جي ڪوششن جو حصو رهيا آهن.
انهن چئني ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي آخري ملاقات اپريل ۾ (ٽي مهينا اڳ) ترڪي جي شهر انتاليا ۾ هڪ سفارتي اجلاس دوران ٿي هئي.