زبير عرف چريا ۽ رحمان ڀولا سمورن ڪيسن مان بري، تفصيلي فيصلو

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جو مختصر فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ بلديا  فيڪٽري سانحي ڪيس بابت مختصر فيصلو جاري ڪندي محمد زبير عرف چريا ۽ عبدالرحمان عرف ڀولا کي سمورن الزامن مان بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ملڪ شهزاد احمد خان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ 10 جون تي مختصر فيصلو ٻڌايو هو، جنهن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ دهشت گردي ٽوڙ عدالت جا فيصلا رد ڪيا ويا، عدالت قرار ڏنو ته پراسيڪيوشن جوابدارن خلاف ڪيس ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي تنهنڪري شڪ جو فائدو ڏيندي ٻنهي جوابدارن کي بري ڪيو ويو، مختصر فيصلي موجب جيڪڏهن جوابدار ڪنهن ٻي ڪيس ۾ گهربل نه هجن ته کين فوري طور آزاد ڪيو وڃي، سپريم ڪورٽ چيو ته پراسيڪيوشن مبينا واقعي جو محرڪ به ثابت نه ڪري سگهي.

 

You might also like