وارھ (رپورٽ:منظورقريشي) وارھ ۾ زرعي پاڻيءَ جي شديد کوٽ ۽ بدامنيءَ خلاف شاندار ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، عوامي حقوق اتحاد پاران زرعي پاڻيءَ جي شديد کوٽ ۽ وڌندڙ بدامنيءَ خلاف سوين ماڻهن گڏجي برف شاپ کان شاندار ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف چوراهن کان جوڻاڻي اسٽاپ تائين پهچي واپس شهر جي اهم چوراهي فاضل راهو چونڪ تي اچي ڌرڻي جي صورت اختيار ڪري وئي، ريليءَ ۽ ڌرڻيءَ کي خطاب ڪندي اڳواڻن علي رضا چولياڻي، مهراڻ تنيو، غلام مصطفيٰ بروهي، محمد صادق تنيو عاشق علي ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياهه جو رائيٽ بئنڪ جيڪو ساريالو بيلٽ آهي جنهن کي زرعي لحاظ کان اهميت حاصل آهي پر گهڻن سالن کان فصل جي پوکائي وقت پاڻيءَ جي شديد کوٽ پيدا ڪئي وڃي ٿي، جنهن سبب هارين ۽ آبادگارن جو وڏو نقصان ٿي رهيو آهي، زرعي فصلن جو نقصان نه هاري ڪارڊ پورو ٿو ڪري سگهي ۽ نه نه ئي بي آءِ ايس پي تنهن ڪري وقتائتو پاڻي ڏئي آبادگارن کي خد ڪفيل بڻايو وڃي، پاڻي ورڇ فارمولو مدي خارج ٿي چڪو آهي اسان وٽ هزارين ايڪڙ زمينون اڳ ئي غيرآباد بنجر بڻيل پيون آهن ، مٿان ڪافي سالن کان پاڻي جي هٿرادو پيدا ڪيل کوٽ سبب عوام هڪ ٻئي سان وڙهي رهيو آهي، ڪرپٽ آبپاشي عملدار منڍ جا آبادگارن سان ڳٺ جوڙ ۽ چوري ۾ ملوث ٻٽ بڻيل آهن، هنن چيو ته وارھ ساريالو بيلٽ آهي جنهن لاءِ وقتائتو پاڻي فوري طور تي فراهم ڪري شديد کوٽ ختم ڪري مستقل طور پاڻيءَ جو بندوبست ڪري نهرن ۾ وارھ ۽ آس پاس جي علائقن لاءِ باقاعده ۽ مناسب پاڻيءَ جو حصو يقيني بڻائي پاڻيءَ جي ورڇ ۾ شفافيت ۽ انصاف يقيني بڻايو وڃي، هنن چيو ته علائقي ۾ وڌندڙ چورون ڦريون ۽ بدامنيءَ خلاف سخت ڪارروائي ڪري سيڪيورٽي نظام کي مضبوط ڪيو وڃي، اڳواڻن واضح ڪيو ته جيستائين حڪومت انهن جائز مطالبن تي عمل نه ڪندي، پرامن جدوجهد جاري رهندي، ريليءَ ۾ عوامي حقوق اتحاد جا ڪارڪن ۽ علائقائي هاري، آبادگار سياسي سماجي شخصيتن ۽ عوام وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيو.
سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ۽ 28هين ترميم خلاف کور واهه ۾ ريلي، ڌرڻو
کورواهه (پ ر) سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ، امڪاني 28هين آئيني ترميم، نياڻين جي قتل عام، مهانگائي ۽ منشيات خلاف عوامي تحريڪ طرفان کورواهه ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن علي محمد پرويز، مجيد ساگر پرهياڙ، مهراڻ درس، جاکرو نوحاڻي، جيون ڪمار، سڪندر درس، ڪريم لوهار، محمد علي ٽالپر، احمد خان رند ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ هن وقت هٿرادو ڏڪار واري صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي. خريف جي پوکيءَ جي اهم موسم هلندڙ آهي، پر سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه پيو ڏنو وڃي، جيڪو سنڌو درياهه جي مالڪ قوم سان سراسر ظلم ۽ ناانصافي آهي، سنڌ ۾ ٻيجارو سڪي رهيو آهي، زراعت لاءِ ته پاڻي نٿو ملي پر پيئڻ جي پاڻي جو به شديد بحران پيدا ڪيو ويو آهي، سنڌ کي عورتن لاءِ مقتل گاهه بڻايو ويو آهي، جتي هر روز معصوم ۽ بيگناهه نياڻين جو قتل عام جاري آهي.
سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف قومي عوامي تحريڪ جا مظاهرا
حيدرآباد(پ ر)سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ، ذوالفقار آباد، سنڌو درياھ تي ڌاڙي، 28ھين ترميم، ڪرپشن، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي متحد ۽ مضبوط سنڌ جي عنوان سان نائين ڏينھن به مختلف شھرن ۾ ريليون، مشعل بردار جلوس ۽ مظاھرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ حيدرآباد ۾ تعلقي قاسم آباد جي علائقي سحرش ننگر ۾ مشعل بردار جلوس ڪڍيو ويو. ڪارڪنن بازار ۾ دڪانن ۽ ھوٽلن تي ھينڊبل ورھايا، جنھن جي اڳواڻي نذير بليدي،بابو ميمڻ،معشوق چانڊيو،نور حسن جمالي،خير جان چانڊيو،واحد چانڊيو،نادر مغيري،نصير ڪلھوڙو، اسد عباسي، ياسين مغيري ۽ ٻين ڪئي. ٻھارا ۾ مرتضي لاشاري، حبيب الله پليجو،غفور سومرو،علي محمد هولاڻي،وسيم ڀڙج ۽ ٻين شھر ۾ پيادل مارچ ڪري ھينڊ بل ورھايا. ميرپورخاص ۾ مقصود احمد ڀرڳڙي، ڪامريڊ ڪرڙ رٻاري، رسول بخش پنهور ۽ ٻين ڳوٺ قربان علي لنڊ، اٺھتر موري، ڳوٺ لطيف نوھڙي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ آبادگارن، ھارين ۽ سياسي سماجي ماڻھن سان ملاقاتون ڪيون، ميھڙ بار ۾ ايڊووڪيٽ منور علي جتوئي، ايڊووڪيٽ جاويد چانڊيو، ايڊووڪيٽ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پمفليٽ ورهايا ويا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي اجازت کانسواءِ ڌاڙيل ڪئنال کولي سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي. ھٿ وٺي زراعت کي تباھ ڪري سنڌ تي غربت، بک ۽ بدحالي مسلط ڪئي وئي آھي. اڳواڻن چيو ته پبلڪ سروس ڪميشن نوڪريون وڪرو ڪرڻ جي منڊي آھي. وزيرن، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جا اولاد اھم نوڪرين تي مقرر ڪيا ويا آھن. ڪروڙين روپين ۾ سيٽون وڪامن ٿيون..