ڀارت جي آبي جارحيت کي منهن ڏيڻ لاءِ چناب درياءَ تي آبي ذخيرا ٺاهڻ جي تجويز

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ڀارت جي آبي جارحيت کي منهن ڏيڻ لاءِ چناب درياءَ  تي آبي ذخيرا تعمير ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. هن چيو ته چناب درياءَ تي چار کان پنج هنڌن تي پاڻي جا ذخيرا ٺاهي سگهجن ٿا.سينيٽ ۾ خطاب ڪندي راڻا هن  چيو ته پاڻي جو معاملو سڀني صوبن کي گڏ ويهي اتفاقِ راءِ سان طئي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته مستقبل جي حالتن ۽ ڀارت جي سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ سڀني ڌرين جو گڏ ويهڻ ضروري آهي.هن ٻڌايو ته ڀارت چناب تي پنج ڊيم تعمير ڪري رهيو آهي، انهن منصوبن ذريعي ڀارت جڏهن چاهي 60 کان 90 ڏينهن تائين چناب جو پاڻي روڪي سگهي ٿو.هن  وڌيڪ چيو ته پاڪستان چناب تي پنهنجا آبي ذخيرا تعمير ڪري ان صورتحال جو مقابلو ڪري سگهي ٿو اهو  معاملو صدرِ مملڪت جي نوٽيس ۾ پڻ آندو ويو آهي، ۽ صدر ان موضوع تي پارليامينٽ ۾ تفصيلي بحث ڪرائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي پاڻي بابت تحفظات کي نظر ۾ رکندي نئين حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ صدرِ مملڪت سان ملاقات پڻ ٿي، جنهن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته پهرين سنڌ جا تحفظات دور ڪيا وڃن ۽ ان کان پوءِ گڏيل اتفاقِ راءِ سان اڳتي وڌيو وڃي.

 

You might also like