ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي، سيڪريٽر اسلم خان ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي صحافين کي پيڪا ايڪٽ تحت نوٽسز جاري ٿيڻ تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي، پريس ڪلب موجب سينئر ميمبر مرتضيٰ ڪي زلفي ۽ ڪالم نگار توفيق بٽ کي اين سي سي آءِ اي پاران پيڪا ايڪٽ تحت نوٽيس جاري ڪيا ويا، جنهن تي صحافتي حلقن ۾ ڳڻتي پيدا ٿي آهي، پريس ڪلب جو چوڻ آهي ته صحافين کي سندن پيشيواراڻين ذميوارين دوران اهڙا نوٽيس جاري ٿيڻ صحافتي آزادي تي سوال اٿارين ٿا، پريس ڪلب چيو ته پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس ايسوسيئيشن جي شڪايت تي هڪ اخبار ۽ ڪالم نگار کي نوٽيس جاري ڪرڻ، اظهارِ راءِ جي آزادي ۽ عوامي حقِ ڄاڻ تي اثر وجهي ٿو، بيان ۾ چيو ويو ته مرتضيٰ ڪي زلفي کي هڪ ڪوآپريٽو سوسائٽي طرفان هراسان ڪيو ويو ۽ پيڪا ايڪٽ تحت نوٽيس جاري ڪرڻ جي به مذمت ڪئي وئي، ڪراچي پريس ڪلب اين سي سي آءِ اي کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس جي قانوني جواز تي نظرثاني ڪئي وڃي ۽ صحافين کي غير ضروري دٻاءُ کان بچائڻ لاءِ شفاف پاليسي اختيار ڪئي وڃي.