ڪراچي ۾ ڳرن چالانن خلاف ٽرانسپورٽرن جي هڙتال

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽرن جي هڙتال سبب پبلڪ ٽرانسپورٽ بند ٿي وئي جنهن ڪري هزارين شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا، مسافرن کي پنڌ سفر ڪرڻو پيو، ٽرانسپورٽرن بسون مختلف اڏن تي بيهاري ڇڏيون، ملازمت پيشا ماڻهو، پورهيت، شاگرد ۽ ٻيا شهري پنهنجي  منزلن تائين پهچڻ لاءِ ڊگها فاصلا پنڌ طئي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا، حب ريور روڊ، شير شاهه ۽ ٻين علائقن ۾ شهري ٽرانسپورٽ جي کوٽ سبب پريشان نظر آيا، ڪيترائي پوليس اهلڪار، خانگي سيڪيورٽي گارڊ ۽ ٻيا ملازم به ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنڌ سفر ڪندا رهيا، ٽرانسپورٽ اتحاد موجب هڙتال ڳرن چالانن، اي چالان نظام، سرڪاري سبسڊي جي ادائيگي نه ٿيڻ، ايڪسائيز کاتي جي رڪارڊ روم مان فائلن جي گم ٿيڻ، مبينا ڀتو خوري، ڀاڙا وڌائڻ جي اجازت نه ملڻ، پوليس جي ڪارروائين ۽ انتظاميا پاران مطالبا نه ٻڌڻ خلاف ڪئي وئي، ٻئي پاسي ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد ۽ ڪراچي بس اونر ايسوسيئيشن ڳرن چالانن ۽ ڪِريڪ ڊائون خلاف هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو، انتظاميا موجب ٽريفڪ پوليس سان ٿيل ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن، جنهن بعد احتجاج جو فيصلو ڪيو ويو، ٽرانسپورٽ اتحاد جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته احتجاج اڄ کان اڻڄاتل مدي تائين جاري رهندو.

 

You might also like