بلوچستان ۾ مايوسي آهي،هاڻي ته عورتون هٿيار کڻي رهيون آهن:شهريار آفريدي

اسلام آباد(بيورو)پي ٽي آءِ ايم اين اي شھريار آفريدي قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير ڪندي چيو آهي ته رياست جو پنهنجي عوام سان هڪ معاهدو هوندو آهي، جنهن کي سماجي معاهدو چيو ويندو آهي. رياست جو فرض هوندو آهي ته هو شهرين جي جان، مال، ضرورتن ۽ عزت جي حفاظت ڪري،هن چيو ته آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي سڀني رپورٽن ۾ واضح آهي ته هي نظام ناڪام ٿي چڪو آهي. پر متاثر ڪير آهي؟ عام پاڪستاني،هن چيو ته تقريباً 29 کان 30 سيڪڙو ماڻهو غربت جي  لڪير کان هيٺ آهن، يعني لڳ ڀڳ ساڍا ست کان اٺ ڪروڙ ماڻهو. لڳ ڀڳ 45 سيڪڙو ماڻهو غربت جي ويجهو زندگي گذاري رهيا آهن.پر وزيراعظم چوي ٿو  ته جنهن وٽ ساڍا اٺ هزار رپيا به آهن، اهو غربت کان مٿي آهي. اهو مذاق آهي،هن چيو ته اڄ پاڪستان آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي ڊڪٽيشن تي هلي رهيو آهي. ڇو؟ ڇا هي پاڪستان جي خودمختياري جي قيمت ناهي؟بلوچستان ۾ ماڻهو مايوس آهن. اتي جي مائرون، ڀينرون ۽ ڌيئرون احتجاج ۾ آهن. ڪجهه هن حد تائين پهتيون آهن جو هٿيار کڻي ويون آهن.جنرل جنجوعه جهڙن ماڻهن بلوچستان جي ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، پر اڄ انهن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.سوال اهو آهي ته جڏهن توهان ماڻهن کي بنيادي ضرورتون نه ڏيندؤ، ته امن ڪيئن ايندو؟هن چيو ته سنڌ۾ ماڻهو بنيادي حقن کان محروم آهن. پنجاب ۾ ڪرپشن، ظلم ۽ مهانگائي آهي. خيبر پختونخواهه ۾ بدامني، دهشتگردي ۽ غربت آهي.هن چيو ته پشتون پاڪستان جي پهرين دفاعي لائين هئا، پر اڄ انهن کي شڪ جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو.گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ ٻين علائقن ۾ به ساڳي ناانصافي ٿي رهي آهي. ماڻهن جي راءِ کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.دنيا پاڪستان جي جاگرافيائي اهميت کي تسليم ڪري ٿي، پر اندروني طور تي اسان پنهنجن ئي ماڻهن کي نظرانداز ڪري رهيا آهيون.بلوچ، پشتون، سنڌي، پنجابي  سڀني کي گڏ کڻي هلڻو پوندو.اسان کي گهرجي ته ماڻهن جي دلين کي فتح ڪيون، نه ته زبردستي ڪنٽرول سان ڪجهه نه ملندو،هن چيو ته هي بجٽ اصل ۾ انگن اکرن جو هڪ فريب آهي. تعليم، صحت ۽ ترقي کي نظرانداز ڪيو ويو آهي.آخر ۾ مان اهو چوندس ته پاڪستان جي غريب عوام جو مطالبو صرف اهو آهي ته انهن جي عزتِ نفس، چادر ۽ چار ديواري جو تحفظ ڪيو وڃي.

 

You might also like