اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري وچ اوڀر جي صورتحال ۾ عالمي امن لاءِ پاڪستان پاران ڪيل سفارتي ڪوششن تي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي سياسي ۽ ملڪي معاملن ۽ بجيٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.وزيراعظم وفاق ۽ صوبن وچ ۾ موثر رابطن ۽ گڏيل تعاون کي قومي ترقي لاءِ اڻ ٽر قرار ڏنو. وزيراعظم ۽ بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت پاران سنڌ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جو به جائزو ورتو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته قومي اهميت جي منصوبن جي ڪاميابي ۽ عوام کي بهتر سهولتن جي فراهمي جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارن وچ ۾ ڀرپور تعاون جاري رکيو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان ۾ حڪومت سازي ۾ سهڪار تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.