وفاقي وزير پاران پيٽرول سستو ٿيڻ بابت خوشخبري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ بابت جلد خوشخبري ملندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي علي پرويز ملڪ چيو ته آمريڪا-ايران جنگ سبب عوام گهڻي تڪليف ڀوڳي آهي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾  واڌ عوام جي بجيٽ کي متاثر ڪيو آهي.هن چيو ته اها وزيراعظم جي هدايت به آهي ۽ اسان جو واعدو آهي ته جيترو ممڪن ٿي سگهيو اگهه گهٽايا ويندا. پيٽروليم واري وزير موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون گهٽجي رهيون آهن، جو سبب اهو امڪان آهي ته عالمي مارڪيٽن ۾ ايران جو ڪچو تيل به دستياب هوندو.

 

You might also like