گلگت بلتستان ۾ حڪومت لاءِ پ پ جا ايم ڊبليو ايم ۽ پي ٽي آءِ سان رابطا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ مجلس وحدت مسلمين (ايم ڊبليو ايم) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت سان رابطا ڪيا آهن. ذريعن موجب، پيپلز پارٽي وفاق ۾ موجود اپوزيشن سان ملي گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهڻ چاهي ٿي ۽ اپوزيشن قيادت ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ حڪومت سازي تي صلاح مشورو ۽ فيصلو ڪندي. واضح رهي ته ايم ڊبليو ايم جو هڪ ۽ پي ٽي آءِ جا حمايت يافته ٻه آزاد اميدوار گلگت بلتستان مان ڪامياب ٿيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن وٽ جي بي ۾ عورتن ۽ ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽن سميت 5 ميمبرن جا ووٽ هوندا.گلگت بلتستان اسيمبلي جي 24 مان 22 تڪن جي نتيجن موجب، پاڪستان پيپلز پارٽي 10، ن ليگ 5، استحڪام پاڪستان پارٽي (آزاد اميدوارن جي شموليت کانپوءِ ) 4، ٻه آزاد اميدوار ۽  ايم ڊبليو ايم هڪ سيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي.  ذريعن موجب مجلس وحدت مسلمين جي سربراهه علامه راجه ناصر عباس چيئرمين پاڪستان تحريڪ انصاف بيرسٽر گوهر سان رابطو ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته علامه راجه ناصر عباس بيرسٽر گوهر کي پيپلز پارٽي طرفان ٿيندڙ رابطن ۽ حڪومت سازي بابت اڳڀرائي جي باري ۾ به آگاهه ڪيو. گلگت بلتستان ۾ حڪومت جي جوڙجڪ جي حوالي سان مختلف سياسي پارٽين جي وچ ۾ مشاورت ۽ رابطن جو عمل جاري آهي.

 

You might also like