اي او بي آءِ ڪرپشن ڪيس جي گناهه ۽ ثواب ۾ سڀ شامل آهيون:چيف جسٽس آئيني عدالت

اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس آئيني عدالت جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اي او بي آءِ ڪرپشن ڪيس جي گناهه ۽ ثواب ۾ اسان سڀ شامل آهيون، وفاقي آئيني عدالت ۾ اي او بي آءِ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته هي ڪيس 2013ع کان هلي رهيو آهي، هاڻي ان جو حل ڪهڙو آهي؟ وڪيل علي ظفر دليل ڏيندي چيو ته هي ڪيس پاڻمرادو نوٽيس تحت شروع ٿيو هو، جنهن ۾ الزام هو ته اي او بي آءِ 18 ملڪيتون اصل قيمت کان گهڻيون مهانگيون خريد ڪيون، هن ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي ملڪيتن جي اصل قيمت جو ڪاٿو لڳايو ويو، علي ظفر چيو ته هاڻي اي  او بي آءِ ڪجهه ملڪيتون پاڻ وٽ رکڻ ۽ ڪجهه واپس ڪرڻ چاهي ٿي، اي او بي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين ظفر گوندل موقف اختيار ڪيو ته وڪيل اڄ موجود نه آهي، تنهن ڪري سندس موقف ٻڌڻ کانسواءِ فيصلو نه ڪيو وڃي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عدالت ڪنهن به قسم جي جانبداري نه ڪندي، سڀني ڌرين کي ٻڌڻ کانپوءِ ئي فيصلو ڪيو ويندو.

 

You might also like