لکنئو (ويب ڊيسڪ) ڀارت ٻي ون ڊي ۾ افغانستان کي 170 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
لکنئو ۾ کيڏيل ٻي ون ڊي ميچ ۾ افغانستان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو .
ڀارت پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 402 تي آل آئوٽ ٿي وئي، ڪپتان شُڀمَن گِل 154 ۽ ايشان ڪشن 125 شاندار اننگز کيڏيون.
افغانستان طرفان ننگياليا خروٽي 4 ۽ راشد خان 3 وڪيٽون ورتيون.
ڀارت جي 403 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي افغانستان ٽيم 44.3 اوورن ۾ 232 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
رحمت شاهه 79 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي، ان کانسواءِ ڀارتي بالرن آڏو ڪو به افغان رانديگر گهڻي دير وڪيٽ تي جٽاءُ نه ڪري سگهيو. ڀارت طرفان ارشديپ سنگهه ۽ گرنور برار 3-3 وڪيٽون ورتيون.
ڀارتي ڪپتان شُڀمَن گِل کي شاندار سينچري تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.