ايم ڪيو ايم قيادت ۾ ٺاهه جو امڪان، خالد مقبول ۽ مصطفيٰ ڪمال گڏجي ڪم ڪرڻ تي راضي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ پاڪستان (ايم ڪيو ايم پاڪستان) جي مختلف ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽجڻ لڳي آهي. باخبر ذريعن موجب، ٻنهي گروپن وچ ۾ جاري ڳالهين جي ڪاميابي جا امڪان نمايان طور وڌي ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انٽرا پارٽي چونڊن تائين خالد مقبول صديقي ۽ مصطفيٰ ڪمال جي گڏجي هلڻ تي اصولي اتفاق راءِ ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، گڏيل دوستن ۽ ٽياڪڙن جي ڪوششن سبب ٻنهي ڌرين نرم رويو اختيار ڪيو آهي ۽ هو هڪ ٻئي جي ويجهو اچي رهيا آهن، جڏهن ته جزوي طور گڏجي ڪم ڪرڻ تي به راضپو ظاهر ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي بهادرآباد مرڪز تي ٿيل جهيڙي، احتجاج ۽ فائرنگ جي واقعن ۾ ملوث ڪارڪنن خلاف تنظيمي ڪارروائي ڪرڻ جي تجويز تي پڻ غور جاري آهي، جيئن پارٽي اندر نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائي سگهجي.
ذريعن موجب، ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران ٻنهي گروپن جي گڏيل پريس ڪانفرنس ٿيڻ جو به امڪان آهي، جنهن ۾ ممڪن مفاهمت جو باضابطا اعلان ڪيو وڃي ٿو.
هوڏانهن ايم ڪيو ايم پاڪستان پنهنجي ڪارڪنن کي هدايت جاري ڪئي آهي ته هو سوشل ميڊيا تي ڪنهن به قسم جي بحث يا تبصرن کان پاسو ڪن، پارٽي سان لاڳاپيل پوسٽن تي تبصرو نه ڪن ۽ پنهنجو سڄو ڌيان جشن آزادي مهم ۽ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي خلاف جاري تشهيري مهم تي ڏين.

You might also like