اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي عملدارن، سليڪشن ڪميٽي جي ميمبرن جي پگهارن، قومي ڪرڪيٽرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ، پگهارن، ميچ فيس، الائونسز ۽ ٻين مالي فائدن بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ پاڪستان انفارميشن ڪميشن جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو.
چيف جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر پاڪستان انفارميشن ڪميشن جي 9 جولاءِ 2026ع جي ٻن حڪمن خلاف داخل اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران پي سي بي جي وڪيل ڪاشف علي ملڪ ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته گهريل ڄاڻ رڳو اداري جي خرچن تائين محدود ناهي، پر ان ۾ انفرادي شخصيتن جي ذاتي، مالي ۽ ڳجهن معاهدن جا تفصيل پڻ شامل آهن.
عدالت شهري ڪاشف شهزاد خان ۽ نعيم احمد کي به نوٽيس جاري ڪيا، جن جي درخواستن تي پاڪستان انفارميشن ڪميشن پي سي بي کي ڄاڻ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
طلب ڪيل ڄاڻ ۾ نومبر 2025ع دوران فيصل آباد جي اقبال اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٿيل ون ڊي سيريز جا نشرياتي حق، اسپانسرشپس، اشتهارن، ٽڪيٽن جي وڪري ۽ ٻين تجارتي ذريعن مان حاصل ٿيل آمدني جا تفصيل به شامل هئا.
ان کان سواءِ مالي سال 2023ع کان 2025ع تائين پي سي بي جي سالياني بجيٽ، خرچن، سليڪشن ڪميٽي جي ميمبرن ۽ پي سي بي عملدارن جي پگهارن، قومي ڪرڪيٽرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ، ميچ فيس، الائونسز ۽ ٻين مالي فائدن بابت ڄاڻ پڻ گهري وئي هئي.
عدالت پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ون ڊي سيريز سان لاڳاپيل تجارتي آمدني جا تفصيل فراهم ڪرڻ وارو حڪم به عارضي طور معطل ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته پاڪستان انفارميشن ڪميشن پي سي بي کي هدايت ڪئي هئي ته هو 10 ڏينهن اندر پنهنجي مالي، انتظامي ۽ عملي معاملن بابت تفصيل فراهم ڪري.
You might also like