پاڪستان ايران سان ٿيل معاهدي جا تفصيل جاري نه ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي: آمريڪي نائب صدر

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي نائب صدر جَي ڊِي وينس چيو آهي ته پاڪستان ۽ قطر جي درخواست تي في الحال ايران سان ٿيل مفاهمتي يادداشت جا تفصيل جاري نه ڪيا ويا آهن.
برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي نائب صدر ٻڌايو ته هن معاهدي جو متن جمعي جي صبح تائين جاري ڪيو ويندو.
هن چيو ته قطر ۽ پاڪستان اسان کي درخواست ڪئي آهي ته في الحال مڪمل متن جاري نه ڪيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ان کي جلد کان جلد جاري ڪيون، ڇو ته اسان آمريڪي عوام کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته معاهدي ۾ ڇا آهي.
نائب صدر وينس دعويٰ ڪئي ته آمريڪي عوام لاءِ هي هڪ سٺو معاهدو آهي.

You might also like