ٽرمپ ۽ مودي جي ملاقات، آمريڪي حملي ۾ مارجي ويل ڀارتين واري معاملي تي بحث

پئرس (ويب ڊيسڪ) فرانس ۾ جاري جي-سيون اجلاس دوران ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ملاقات ٿي، جنهن ۾ گذريل هفتي هڪ ٽينڪر تي آمريڪي حملي ۾ ٽن ڀارتي سيلرز جي مارجڻ وارو معاملو به بحث هيٺ آيو.
آمريڪا جو موقف آهي ته اهو ٽينڪر ايراني بندرگاهن جي ناڪا بندي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو هو.
آمريڪا گذريل هفتي ايراني نار ۾ ٻين ٻن جهازن کي به نشانو بڻايو هو، جن ۾ به ڀارتي عملو سوار هو.
ملاقات کانپوءِ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو ته هن ”جهازراني جي آزادي جي اهميت“ تي زور ڏنو آهي ۽ ملاحن جي سلامتي ڀارت لاءِ انتهائي اهم آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان جڏهن ڀارتي ملاحن جي وارثن بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته ”مون انهن بابت ٻڌو آهي، هي هڪ ڏکيو پيشو آهي… اسان انهن سڀني ماڻهن سان محبت ڪريون ٿا، هو تمام سٺا ماڻهو آهن.“
ياد رهي ته ان واقعي کانپوءِ ڀارت ۾ سخت ڪاوڙ ۽ ڏک واري لهر ڇانيل هئي.

 

You might also like