اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جو معاملو رڳو جاگرافيائي يا لساني مسئلو ناهي، پر اهو هڪ ڊگهي انتظامي ۽ عمراني معاهدي جي ناڪامي جو نتيجو آهي.
هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته موجوده نظام رڳو سست ناهي، پر مڪمل طور ويهي چڪو آهي ۽ هاڻي عارضي سڌارن بدران بنيادي نوعيت جي وڏين سڌارن جي ضرورت آهي.
مفتاح اسماعيل چيو ته پاڪستان ۾ وسيلن جي ورڇ بابت وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ تڪرار ته بحث هيٺ رهندو آهي، پر صوبن جي اندر موجود جاگرافيائي ۽ سياسي اڻبرابري کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي.
هن لاهور ڊويزن ۽ ڏکڻ پنجاب جي ضلعن جي ترقياتي خرچن ۾ فرق جو مثال ڏيندي چيو ته طاقت جي مرڪزن کان پري علائقا پٺتي رهجي وڃن ٿا.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن علائقي جي عوام جون سياسي ترجيحون مختلف هجن ته کين زبردستي هڪ ئي انتظامي ڍانچي ۾ رکڻ جمهوري اصولن جي ابتڙ آهي.
اڳوڻي وفاقي وزير موجب، نون انتظامي يونٽن جي قيام تي خرچن بابت اعتراض حقيقت ۾ وي آءِ پي ڪلچر کي بچائڻ جي ڪوشش آهي. سندس چوڻ هو ته مسئلو وسيلن جي کوٽ نه، پر انهن جي غلط استعمال جو آهي، ۽ جيڪڏهن غيرضروري مراعتون ختم ڪري اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪيا وڃن ته حڪمراني ۽ خرچن ٻنهي ۾ بهتري اچي سگهي ٿي.
مفتاح اسماعيل ڪراچي جو مثال ڏيندي چيو ته ڪراچي جهڙي شهر جا بنيادي فيصلا وزيراعليٰ هائوس مان ٿيڻ پاڻ ۾ هڪ انتظامي ناڪامي آهي.
هن ڪراچي کي الڳ انتظامي صوبو بڻائڻ جي حمايت ڪندي چيو ته تعليم، صحت، انفراسٽرڪچر ۽ پوليس جا اختيار مقامي سطح تي منتقل ڪرڻ کانسواءِ شهر جا مسئلا حل نٿا ٿي سگهن.
ڪراچي جا فيصلا وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿين ٿا، ڪراچي کي ڌار صوبو بڻائڻ حق ۾ آهيان: مفتاح اسماعيل
You might also like