دمبولا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم ٽِين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ سريلنڪا کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، جڏهن ته ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز سريلنڪا 2-1 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
رنگيري دمبولا انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ سريلنڪا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 113 رنسون ٺاهيون.
سريلنڪا طرفان ڪپتان چماري اتاپتو 34، سنجنا ڪاوندِي 20 ۽ ايميشا دلاني 17 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان مومينا رياست 2، جڏهن ته امِ هاني، نشرا سنڌو، طوبا حسن ۽ عائشه ظفر هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
سريلنڪا طرفان مليل 114 رنسن جو هدف پاڪستان 18.2 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.
عائشه ظفر 39 رنسن جي بهترين اننگز کيڏي، جڏهن ته شوال ذوالفقار 21 ۽ منيبه علي 19 رنسون ٺاهيون.
سائرا جبين ناٽ آئوٽ 12 رنسن سان ٽيم کي فتح ڏياري.
سريلنڪا طرفان ڪويشا دلھاري ۽ چماري اتاپتو ٻه، ٻه وڪيٽون ورتيون.
عائشه ظفر کي 39 رنسون ٺاهڻ ۽ هڪ وڪيٽ وٺڻ تي پليئر آف دي ميچ ۽ سريلنڪا جي ايميشا دلاني پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.
You might also like