ڪينسر جي علاج ۾ مصنوعي ذهانت اميد جو نئون ڪرڻو!آسٽريليا ۾ هڪ شخص مصنوعي ذهانت (AI) جي مدد سان پنهنجي پالتو ڪتي لاءِ خاص ڪينسر ويڪسين تيار ڪرائي، جنهن کانپوءِ ڪتي جي صحت ۾ نمايان بهتري ڏٺي وئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب8 ورهين جي ڪُتِي روزي چمڙي جي هڪ جارحاڻي قسم جي ڪينسر ۾ مبتلا هئي. ويٽرنري ڊاڪٽرن سندس مالڪ پال ڪننگهم کي ٻڌايو ته روزي شايد ڪجهه مهينن کان وڌيڪ زنده نه رهي سگهي، پر ٽيڪنالاجي شعبي سان لاڳاپيل پال همت نه هاري ۽ مصنوعي ذهانت جي مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو.
رپورٽ موجب ڊي اين اي ۾ جسم جي خلين بابت بنيادي ڄاڻ محفوظ هوندي آهي ۽ ڪينسر تڏهن پيدا ٿيندو آهي جڏهن ڊي اين اي ۾ اهڙيون تبديليون اچن جيڪي خلين کي بي قابو نموني وڌڻ تي مجبور ڪن. ان مقصد لاءِ پال روزي جي صحتمند ۽ ٽيومر متاثر ڊي اين اي جو تجزيو ڪرايو، پوءِ مصنوعي ذهانت کان ٻنهي جي وچ ۾ فرق معلوم ڪيو. ان ڄاڻ جي بنياد تي هن معلوم ڪيو ته ذاتي نوعيت جي ڪينسر ويڪسين ڪيئن تيار ڪري سگهجي ٿي. بعد ۾ اها معلومات آسٽريليا جي يونيورسٽي آف نيو سائوٿ ويلز جي سائنسدانن کي ڏني وئي، جن روزي لاءِ خاص mRNA ويڪسين تيار ڪئي.
رپورٽ موجب روايتي ويڪسينون وائرسن يا بيڪٽيريا کان بچاءَ لاءِ ڏنيون وينديون آهن، جڏهن ته ڪينسر ويڪسين جو مقصد مدافعتي نظام کي اهو سيکارڻ هوندو آهي ته هو ڪينسر جي خلين کي سڃاڻي رڳو انهن تي حملو ڪري۔ ان مقصد لاءِ mRNA کي پيغام رساني جي ذريعي طور استعمال ڪيو ويو.
ماهرن ڪينسر جي خلين ۾ موجود پروٽين کي ويڪسين ۾ شامل ڪيو ۽ اها ويڪسين روزي کي لڳائي وئي. ويڪسين کانپوءِ روزي جا ڪيترائي ٽيومر سُڪي ويا، جسم ۾ ڪينسر جو بار گهٽ ٿيو ۽ سندس صحت ۾ واضح بهتري آئي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ماهرن جو چوڻ آهي ته هي رڳو هڪ ڪيس آهي، ڪا باقاعده سائنسي آزمائش ناهي، تنهن ڪري اهو چوڻ اڃا وقت کان اڳ هوندو ته ڇا هي طريقو ٻين جانورن يا انسانن ۾ به ايترو ئي اثرائتو ثابت ٿيندو يا نه.
واضح رهي ته مصنوعي ذهانت ڪينسر جو علاج دريافت ناهي ڪيو، پر هڪ مددگار اوزار طور ڪم ڪيو، جڏهن ته ويڪسين جي تياري ۽ سمورا سائنسي مرحلا ماهرن مڪمل ڪيا. ان باوجود هي اڳڀرائي ظاهر ڪري ٿي ته ڊي اين اي تجزيي، mRNA ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي گڏيل استعمال سان مستقبل ۾ ذاتي نوعيت جا علاج وڌيڪ دستياب بڻجي سگهن ٿا.