ڇا توهان بيمار آهيو! اکين هيٺان ڪارا نشان ڇو ٿين ٿا؟

اکين هيٺان ڪارن نشانن جو ظاهر ٿيڻ هڪ عام مسئلو آهي ۽ اڪثر انهن سان گڏ اهو حصو ٿورو سُڄيل به نظر ايندو آهي.

عام طور تي اکين هيٺان ڪارن نشانن کي ٿڪاوٽ يا ننڊ جي کوٽ جو نتيجو سمجهيو ويندو آهي، پر انهن جا ڪيترائي ٻيا سبب به ٿي سگهن ٿا.

گهڻن ئي ڪيسن ۾ اهي ڪارا نشان ڳڻتي جو سبب ناهن هوندا ۽ نه ئي ڪنهن خاص علاج جي ضرورت پوندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن اهي ڪنهن بيماري يا جسماني مسئلي ڏانهن به اشارو ڪندا آهن.

رت جي نالين جا مسئلا

آمريڪي طبي اداري مايو ڪلنڪ موجب ڪڏهن ڪڏهن اکين هيٺان ڪارا نشان رت جي نالين ۾ موجود مسئلن جي نشاني به هوندا آهن. رت جون ناليون ڦوڪجڻ سبب هڪ اک هيٺان وڌيڪ نمايان ڪارو نشان نظر اچي سگهي ٿو.

الرجي

الرجي جو ردِعمل ۽ اکين جو خشڪ ٿيڻ به ڪارن نشانن جو سبب بڻجي سگهي ٿو. جڏهن جسم کي الرجي جو ردِعمل پيش اچي ٿو ته اهو ڪجهه مخصوص ڪيميڪل خارج ڪندو آهي، جنهن سبب خارش، ڳاڙهاڻ ۽ اکين جي سُڄڻ جهڙيون علامتون ظاهر ٿينديون آهن. اهي ڪيميڪل رت جي نالين کي پکيڙي ڇڏيندا آهن، جنهن ڪري اهي چمڙي جي ويجهو وڌيڪ نمايان نظر اچن ٿيون.

جسم ۾ پاڻي جي کوٽ

پاڻي جي کوٽ يا ڊي هائيڊريشن به ڪارن نشانن جو هڪ عام سبب آهي. جڏهن جسم کي مناسب مقدار ۾ پاڻي نٿو ملي ته اکين هيٺان چمڙي جي رنگت ڦڪي ٿي وڃي ٿي ۽ اکيون اندر ڌنسيل محسوس ٿينديون آهن.

ميلانن جي وڌيڪ پيداوار

طبي ماهرن موجب سج جي روشني ۾ گهڻو وقت گذارڻ سان جسم ۾ميلانن جي پيداوار وڌي ويندي آهي. ميلانن چمڙي جي رنگت طئي ڪندو آهي ۽ جڏهن ان جي مقدار وڌي وڃي ٿي ته اکين هيٺان ڪارا نشان به ظاهر ٿي سگهن ٿا.

چمڙي جي سوزش

ڪڏهن ڪڏهن اکين هيٺان ڪارا نشان چمڙي جي سوڄ يا ٻين چمڙي جي بيمارين جو نتيجو به هوندا آهن.

رت جي کوٽ

انيميا يا رت جي کوٽ دوران جسم ۾ ڳاڙهن رت جي خلين جو انگ معمول کان گهٽ ٿي ويندو آهي، جنهن سبب چڪر اچڻ، ڪمزوري، ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ۽ ٿڪاوٽ جهڙيون علامتون ظاهر ٿينديون آهن. رت جي کوٽ ۾ مبتلا ماڻهن جي چمڙي به وڌيڪ ڦڪي يا پِيلي نظر اچي سگهي ٿي ۽ انهن جي اکين هيٺان ڪارا نشان موجود ٿي سگهن ٿا.

نوٽ: هي مضمون طبي جرنلن ۾ شايع ڇيپل ڄاڻ تي ٻڌل آهي. جيڪڏهن توهان کي مسلسل ڪارا نشان يا ٻيون علامتون محسوس ٿين ته پنهنجي ڊاڪٽر سان ضرور صلاح ڪريو.

You might also like