ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت مالي سال 2026-27 لاءِ 3 هزار 562 ارب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ تعليم، صحت، بلدياتي خدمتن ۽ سماجي تحفظ جي شعبن کي ترجيح ڏني وئي آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه صوبائي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ ست، ست سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو.
بجيٽ موجب، صوبي جي آمدني جو سڀ کان وڏو ذريعو بدستور وفاق کان ملندڙ رقمون هونديون، جن جو ڪاٿو 2 هزار 263 ارب رپين کان وڌيڪ آهي، جيڪو مجموعي آمدني جو لڳ ڀڳ ٻه ڀاڱي ٽي حصو بڻجي ٿو.
بجيٽ دستاويزن موجب، صوبائي ٽيڪس آمدني جو هدف 690 ارب رپيا رکيو ويو آهي، جڏهن ته غير ٽيڪس آمدني 85 ارب رپيا، سرمائيداري مان اوڳاڙيون 68 ارب 34 ڪروڙ رپيا ۽ وفاقي گرانٽس 64 ارب 33 ڪروڙ رپيا متوقع آهن.
پرڏيهي قرضن ۽ گرانٽس جي مد ۾ 8 ارب 14 ڪروڙ رپيا شامل ڪيا ويا آهن جڏهن ته 90 ارب رپيا ڪيش بيلنس دستياب هوندو.
خرچن جي حوالي سان بجيٽ جو وڏو حصو پگهارن ۽ پينشن تي خرچ ٿيندو.
دستاويزن موجب، 50 سيڪڙو بجيٽ پگهارن ۽ پينشن لاءِ مختص ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 38 سيڪڙو گرانٽس ۽ سبسڊيز، 8 سيڪڙو آپريشن ۽ مينٽيننس ۽ ٻه، ٻه سيڪڙو قرضن جي ادائيگي ۽ مرمت ۽ بحالي لاءِ رکيا ويا آهن.
حڪومت ايندڙ مالي سال لاءِ 720 ارب 38 ڪروڙ رپين جو ترقياتي بجيٽ تجويز ڪئي آهي، جيڪا گذريل مالي سال جي 1018 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 29 سيڪڙو گهٽ آهي.
جڏهن ته پرڏيهي سهڪار سان هلندڙ منصوبن ۽ پروگرامن لاءِ 256 ارب 5 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن.
بجيٽ ۾ تعليم کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي، جنهن لاءِ 620 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.
اسڪولن جي مخصوص بجيٽ ۾ واڌ ڪندي اها 22 ارب 64 ڪروڙ رپيا ڪئي وئي آهي جڏهن ته يونيورسٽين جي گرانٽس ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي.
صحت لاءِ 393 ارب 16 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جن مان 148 ارب 17 ڪروڙ رپيا وڏن اسپتالن ۽ صحت جي مرڪزن کي گرانٽس جي مد ۾ ڏنا ويندا.
ساڳئي ريت بلدياتي خدمتن لاءِ 306 ارب رپيا، امن امان ۽ عوامي تحفظ لاءِ 222 ارب 30 ڪروڙ رپيا، زراعت، لائيو اسٽاڪ ۽ خوراڪ لاءِ 61 ارب 90 ڪروڙ رپيا ۽ سماجي خدمتن لاءِ 57 ارب 90 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ مختص ڪيا ويا آهن.
مڪاني ادارن کي 155 ارب رپيا منتقل ڪيا ويندا جڏهن ته لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ جي بجيٽ 151 ارب رپيا رکي وئي آهي.
حڪومت بجيٽ ۾ غريب ۽ ڪمزور طبقن لاءِ ڪيترن ئي نين فلاحي اسڪيمن جو پڻ اعلان ڪيو آهي.
بينظير هاري ڪارڊ لاءِ ٽي ارب رپيا، غريب آبادگارن لاءِ ڪچن گارڊننگ ڪٽس، بينظير هائوسنگ سيل، پيپلز آءِ ٽي پروگرام ۽ ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن جي مدد لاءِ ٻه، ٻه ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.
اسپيشل ماڻهن لاءِ مددگار اوزار، لينس سپورٽ ۽ گوگل گلاسز جي فراهمي لاءِ 1.1 ارب رپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته يتيم ٻارن ۽ بيواهن جي مدد لاءِ پڻ خاص پروگرام متعارف ڪرايو ويو آهي.
بجيٽ اجلاس دوران اپوزيشن جماعتن ايم ڪيو ايم پاڪستان، پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي جي طرفان سخت احتجاج پڻ ڪيو ويو.
ايم ڪيو ايم پاڪستان بجيٽ تقرير جو بائيڪاٽ ڪيو جڏهن ته اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي بجيٽ تقرير دوران احتجاج ڪندي چيو ته ”ون وي ٽريفڪ هلي رهي آهي.“
سندس چوڻ هو ته بجيٽ کان اڳ اپوزيشن سان صلاح مشورو ناهي ڪيو ويو ۽ جيڪڏهن جمهوري روايتن جي پاسداري نه ڪئي ويندي ته اهڙا احتجاج ٿيندا رهندا.