اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ مجلس وحدت مسلمين (ايم ڊبليو ايم) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت سان رابطا ڪيا آهن.
ذريعن موجب، پيپلز پارٽي وفاق ۾ موجود اپوزيشن سان ملي گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهڻ چاهي ٿي ۽ اپوزيشن قيادت ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ حڪومت سازي تي صلاح مشورو ۽ فيصلو ڪندي.
واضح رهي ته ايم ڊبليو ايم جو هڪ ۽ پي ٽي آءِ جا حمايت يافته ٻه آزاد اميدوار گلگت بلتستان مان ڪامياب ٿيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن وٽ جي بي ۾ عورتن ۽ ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽن سميت 5 ميمبرن جا ووٽ هوندا.
گلگت بلتستان اسيمبلي جي 24 مان 22 تڪن جي نتيجن موجب، پاڪستان پيپلز پارٽي 10، ن ليگ 5، استحڪام پاڪستان پارٽي (آزاد اميدوارن جي شموليت کانپوءِ ) 4، ٻه آزاد اميدوار ۽ ايم ڊبليو ايم هڪ سيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي.
ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف پيپلز پارٽي کي گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني آهي، جڏهن ته ن ليگ اپوزيشن ۾ ويهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ان کانسواءِ ن ليگ جي امير مقام به چيو آهي ته هو ٻين سان ملي حڪومت ٺاهي سگهيا ٿي، پر پيپلز پارٽي کي اڪثريت هجڻ تي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني آهي.