اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ بابت جلد خوشخبري ملندي.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي علي پرويز ملڪ چيو ته آمريڪا-ايران جنگ سبب عوام گهڻي تڪليف ڀوڳي آهي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ عوام جي بجيٽ کي متاثر ڪيو آهي.
هن چيو ته اها وزيراعظم جي هدايت به آهي ۽ اسان جو واعدو آهي ته جيترو ممڪن ٿي سگهيو اگهه گهٽايا ويندا.
پيٽروليم واري وزير موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون گهٽجي رهيون آهن، جو سبب اهو امڪان آهي ته عالمي مارڪيٽن ۾ ايران جو ڪچو تيل دستياب هوندو.
You might also like