سنڌ جي 3562 ارب رپين جي بجيٽ: سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت 40 هزارن مان وڌائي 43 هزار مقرر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ مالي سال 27-2026 جي 3562 ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي. سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ مخالف ڌر پاران سخت احتجاج ۽ نعريبازي ڪئي وئي، جنهن سبب وڏي وزير مراد علي شاهه کي پنهنجي بجيٽ تقرير ڪجهه دير لاءِ روڪڻي پئي.
ايم ڪيو ايم بجيٽ تقرير جو بائيڪاٽ ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي چيو ته اسان کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، ان ڪري اسان بجيٽ تقرير جو بائيڪاٽ ڪريون ٿا.
اپوزيشن جي سخت احتجاج ۽ گوڙ جي باوجود وڏي وزير پنهنجي بجيٽ تقرير جاري رکي.
وڏي وزير طرفان پيش ڪيل بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس لاڳو نه ڪيو ويو آهي. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ ۽ 2022 ۽ 2025 جا ايڊهاڪ رليف الائونس ضم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
صوبي ۾ گهٽ ۾ گهٽ اُجرت 40 هزار کان وڌائي 43 هزار رپيا ماهوار مقرر ڪئي وئي آهي.
وڏي وزير ڪراچي ۾ سنڌ انٽرنيشنل فنانشل سينٽر قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جيڪو اسلامڪ ۽ ڪلائيميٽ فنانس جو مرڪز هوندو. ڪيٽي بندر کي عالمي بحري، لاجسٽڪس، انڊسٽريل ۽ توانائي جو مرڪز بڻايو ويندو.
وڏي وزير پنهنجي تقرير دوران چيو ته پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو سولر پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت 18 ارب رپين جي لاڳت سان 2 لک 75 هزار مفت سولر هوم سسٽم ورهايا ويندا، ان کانسواءِ وچولي طبقي لاءِ رعايتي سولر فنانسنگ پروگرام به متعارف ڪرايو ويندو.
وڏي وزير موجب، ڪراچي لاءِ 100 ارب 19 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن، شهر ۾ مجموعي طور 816 ترقياتي منصوبا آهن جن جي ڪل لاڳت 644.3 ارب رپيا آهي.
هن چيو ته ايئرپورٽ روڊ کان اسٽار گيٽ تائين نئون فلائي اوور ۽ ملير هالٽ کان شارع فيصل تائين رائٽ ٽرن انڊر پاس تعمير ڪيو ويندو. ڪراچي ۾ 50 نيون جديد ڊبل ڊيڪر بسون خريد ڪيون وينديون جيڪي 30 کان 35 هزار مسافرن کي سفاري سهولت فراهم ڪنديون، ان کانسواءِ 100 نيون اليڪٽرڪ بسون به شامل ڪيون وينديون.
بجيٽ ۾ سماجي تحفظ پيڪيج لاءِ 13.2 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، تعليمي مددگار خدمتن تي سيلز ٽيڪس گهٽائي 5 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.
اين آءِ سي وي ڊي ۾ ٻارن جي دل جي بيمارين واري يونٽ لاءِ 1.4 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ويسٽ ٽو ويليو پروگرام ذريعي ڪچري کي معاشي وسيلن ۾ تبديل ڪيو ويندو.
زرعي سپر ٽيڪس جي ڇوٽ جي حد 150 ملين کان وڌائي 500 ملين رپيا ڪئي وئي آهي ۽ شرح 10 سيڪڙو کان گهٽائي 8 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.
وڏي وزير 260 ارب رپين جي وفاقي مدد جي باوجود پنهنجي آئيني حقن ۽ اين ايف سي ايوارڊ جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جو عزم ورجايو. هن پاڪ فوج، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداري کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته سنڌ کي ڏکڻ ايشيا جي اڀرندڙ معاشي طاقت بڻائڻ جي بنياد رکي رهيا آهيون.

You might also like