فيصل واوڊا جا نوان انڪشاف:حڪومتي ڪارڪردگي کان طاقتور مايوس يا ڪو نئون پيغام؟

لاهور(امداد سومرو)فيصل واوڊا کان نئون محاذ ڪنهن کولرايو،؟ سموريون سياسي پارٽيون نشاني تي ڇو آهن؟ڪرپشن  جا ثبوت ۽ فارنزڪ ٿيل وڊيوز موجود هئڻ جون دعوائون اهڙي وقت سامهون آيون آهن، جڏهن اڳ ئي چيو پئي ويو ته جولاءِ کان پوءِ حڪومت جي زوال جو آغاز ٿيندو. ان سان گڏ اهو به تاثر ڏنو ويو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ سياستدانن، خاص طور تي صدر آصف علي زرداري ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ اٺاويهين آئيني ترميم بابت اختلاف پيدا ٿي ويا آهن. چيو ويو ته اٺاويهين ترميم ذريعي اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن جو وڏو حصو واپس مرڪز حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي، معاملو آئيني ترميم کان سواءِ ڪنهن ٻئي  فارمولي سان حل ڪيو ويو ۽ صوبن پنهنجي حصي مان وفاق کي ايترو ناڻو ڏئي ڇڏيو جو هاڻي ڪيترائي صوبا پاڻ ڪجهه ڪرڻ جي سگهه کان محروم ٿي ويا آهن. فيصل واوڊا جي اشارن مان لڳي ٿو ته هو پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخواهه ۽ سنڌ جي سياسي حالتن ڏانهن اشارو ڪري رهيو هو، پر ڪنهن جو نالو واضح طور نه ورتو. فيصل واوڊا اڄ جي دور جو شيخ رشيد بڻجي ويو آهي. ماضي ۾ شيخ رشيد به اهڙيون اڳڪٿيون ڪندو هو، پر گهڻيون صحيح ثابت نه ٿينديون هيون. سوال فيصل واوڊا کان به ٿيڻ گهرجي ها ته اهي فائل ڪنهن تيار ڪيا آهن ۽ هن جو ذريعو ڇا آهي؟ فيصل واوڊا جا اهي بيان ٻن طريقن سان ڏسي سگهجن ٿا. پهريون ته شايد طاقتور حلقا سياستدانن کي اهو پيغام ڏئي رهيا هجن ته اسان وٽ توهان بابت تمام گهڻو مواد موجود آهي, ٻيو ته شايد حڪومت جي ڪارڪردگي بابت وڌندڙ مايوسي ۽ سياسي تبديلين جي بحث ۾ پاڻ کي اهم رکڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. ستر سيڪڙو امڪان اهو آهي ته فيصل واوڊا رڳو سياسي بيان بازي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ٽيهه سيڪڙو امڪان اهو به ٿي سگهي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو ضرور هجي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،اربع 17 جون 2026  تي شايع ٿيو

You might also like