نصيرآباد (ن ع آ) گذريل ڏينھن نصيرآباد لڳ ڳوٺ ستار ڏنو شيخ جي رھواسڻ ناري مبينا طور اغوا بعد قتل، تفصيل موجب گذريل رات نصيرآباد ويجهو ڏيرا لڳ ڳوٺ ستار ڏنو شيخ جي رهواسڻ 25 سالن جي عورت مسمات ڀاڳل زال شوڪت شيخ پنهنجي چاچيء سان ڏيرا اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ آيل هئي، کيس نامعلوم جوابدارن مبينا طور اغوا ڪري ورتو. واقعي بعد مقتولا جي وارثن صدام شيخ، عاشق شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نصيرآباد ٿاڻي آڏو سخت احتجاج ڪيو ويو. وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته مسمات ڀاڳل جي گمشدگي بعد کيس گهڻو ڳوليائون، جنهن دوران اسان لاڙڪاڻو ۾
جاچ ڪئي ته بيواهه مسمات ڀاڳل جو سول اسپتال لاڙڪاڻو مان لاش مليو ۽ ميهر شيخ نالي هڪ شخص سول اسپتال تي موجود هئو. وارثن جو چوڻ آهي ته مبينا اغوا ڪندڙ مک جوابدار ميهر شيخ هن وقت ڏيرا پوليس جي تحويل ۾ آهي. مقتولا جي وارثن چيو ته اسپتال انتظاميا پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته پهريان پوليس جو ليٽر کڻي اچو، جنهن کانپوءِ ئي پوسٽ مارٽم ٿيندو. وارثن وڌيڪ دانهيندي چيو ته هڪ طرف معصوم عورت کي اغوا ڪري قتل ڪيو ويو آهي، ته ٻئي طرف ڏيرا پوليس ۽ نصيرآباد پوليس حد جي تڪرار يا ڪنهن ٻئي نامعلوم سبب جي ڪري پوسٽ مارٽم لاءِ ليٽر ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، جنهن ڪري کين انصاف نٿو ملي ۽ کيس تذليل جو نشانو بڻايو پيو وڃي. پوليس جي مبينا بي حسي ۽ انصاف نه ملڻ خلاف وارثن پاران انڊس هاءِ وي تي لاش رکي سخت ڌرڻو هنيو ويو،