بدين ۾ ڪتي ڏاڙهيل نوجوان جي حالت ويتر خراب

بدين(رپورٽ: رازق ڏنوکوسو)بدين ۾ ڪتي جي ڏاڙهيل مريض نظير احمد عثمان جوڻيجو وقت سر علاج نه  ٿي سگھيو نوجوان  جي حالت ويتر خراب ٿي ويئي  ڪتي جي چڪ پائڻ بعد نوجوان کي بدين انڊس اسپتال کان حيدرآباد تائين وارث کڻائي ويا نوجوان جي اڄ حالت ويتر خراب  ٿي ويئي نوجوان پنھنجي  جسم کي زور سان چڪ پائڻ لڳو  ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي ھڪ ڏينھن اڳ  ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر بدين زاھد حسين سولنگي کي سخت تاڪيد ۽ ضروري قدم کڻڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون  مگر صحت کاتي بدين جي ڪاموري جي لاپرواھي سبب  نوجوان جي طبيعت وڌيڪ بگڙجي ويئي آھي صحت کاتي سنڌ وٽ ڪروڙين روپين جي بجيٽ ھجڻ باوجود به غريب بي سھارا ماڻھو موت طرف ڌڪجي رھيا آھن  ذريعن موجب انڊس اسپتال بدين ۽ صحت کاتي جي ڪامورن جي لاپرواھي۽  وقت سر علاج نه ڪرڻ سبب نوجوان جي حالت وڌيڪ خراب ٿي ويئي آھي

اورنگي ٽائون ۾ ڪتن 14 ٻارن کي ڏاڙهي ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ آواره ڪتي جي حملي ۾ 14 معصوم ٻار زخمي ٿي پيا.واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن ٻار ميدان ۾ راند ڪري رهيا هئا ته هڪ خونخوار ڪتي انهن  تي حملو ڪري ڇڏيو.اسپتال انتظاميه موجب زخمي ٻارن کي فوري طور سنڌ سرڪاري اسپتال اورنگي ٽائون منتقل ڪيو ويو، جتي سڀني ٻارن کي اينٽي ريبيز ويڪسين لڳائي وئي آهي. پاڳل ڪتي جي حملي ۾ ٻارن جي پيشاني، مٿي، پيٽ، هٿن ۽ پيرن تي زخم آيا آهن.اسپتال انتظاميه جو چوڻ آهي ته زخمين ۾ 13 ڇوڪرا ۽ هڪ ڇوڪري شامل آهن، جڏهن ته متاثر ٻارن جون عمرون 4 کان 12 سالن جي وچ ۾ آهن۔

 

You might also like