صدر پاران مالي ذميواري ۽ قرضن جي حدن سميت چئن اهم بلن جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر پاران ڪيترن ئي اهم ترميمي بلن جي منظوري ڏني وئي آهي، جن جو مقصد لاڳاپيل شعبن جي ڪارڪردگي کي بهتر ۽ وقت جي گهرجن پٽاندر بڻائڻ آهي. ايوانِ صدر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، منظور ڪيل قانونن ۾ ڪيريئيج باءِ ايئر (ترميمي) بل 2026، پاڪستان ايئرپورٽس  اٿارٽي (ترميمي) بل 2026، مالي ذميواري ۽ قرضن جي حدن جي تعين جو (ترميمي) بل 2026 ۽ اقبال اڪيڊمي (ترميمي) بل 2026 شامل آهن.

ڪرپشن الزام هيٺ آيل ضمير عباسي جي بازيابي لاءِ درخواست داخل

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ ھاءِڪورٽ ۾ اڳوڻي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ييلو لائن ضمير عباسي جي مبينه گمشدگي خلاف درخواست داخل ڪئي وئي، درخواست ڪاشف خان ايڊووڪيٽ معرفت داخل ڪئي وئي. درخواست موجب ضمير عباسي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ييلو لائن طور ڪم  ڪري رهيو هو، ضمير عباسي خلاف ٺيڪيدارن کي پيشگي ادائيگي جي صورت ۾ ڪرپشن جا الزام لڳايا ويا آهن، ٺيڪيدارن کي پيشگي پئسن جي ادائيگي معمول جي ڳالهه آهي ۽ ڪا به بيضابطگي نه ڪئي وئي آهي، درخواست موجب اينٽي ڪرپشن اختياريون ضمير عباسي کي زبردستي کڻي ويا آهن ۽ زبردستي حراست ۾ رکيو ويو آهي، 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود، ضمير عباسي کي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي، اينٽي ڪرپشن اختيارين پاران ضمير عباسي تي لڳايل الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن، عدالت کان درخواست آهي ته ضمير عباسي جي بازيابي جو حڪم ڏنو وڃي ۽ ضمير عباسي کي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

 

You might also like