لاهور(پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جماعت اسلامي جي مرڪز منصوره ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي، معاشي ۽ امن امان واري صورتحال سميت خطي ۾ تيزي سان بدلجندڙ حالتن تي تفصيلي خيال ونڊيو ويو. ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل مفاهمت کانپوءِ پيدا ٿيندڙ علائقائي صورتحال تي پڻ ڳالهيون ڪيون ويون. حافظ نعيم الرحمان ايران-آمريڪا مفاهمت جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پاڪستان جون ڪوششون قابلِ قدر آهن. محسن نقوي هن چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل خطي ۾ امن لاءِ اهم ۽ يادگار ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڇڪتاڻ جي خاتمي جو ڪريڊٽ پاڪستان کي وڃي ٿو.