اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته هن ايوان ۾ جڏهن اسين ٻين تي اهڙا الزام هڻون ٿا، جن جا پاڻ به مرتڪب رهي چڪا آهيون، ته پوءِ عام ماڻهوءَ تائين ڪهڙو پيغام پهچي ٿو؟ ماڻهو اهو سوچي ٿو ته آخر اسان ڪيترا ايماندار آهيون.هن چيو ته سياسي اختلافن دوران هڪ ٻئي تي الزام لڳائڻ الڳ ڳالهه آهي، پر حقيقتن کان منهن موڙڻ مناسب ناهي. مثال ڏيندي هن چيو ته اسد قيصر جي گهر ۾ قانونسازي بابت ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندو رهيو آهي، جن ۾ پي ٽي آءِ جا نمائندا به موجود هوندا هئا.خواجا آصف دعويٰ ڪئي ته انهن گڏجاڻين ۾ آءِ ايس آءِ جا عملدار به موجود هوندا هئا، جيڪي اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد طرفان موڪليا ويندا هئا. سندس چوڻ هو ته اهي ماڻهو سموري ڳالهه ٻولهه جي نگراني ڪندا هئا ۽ جتي ضرورت محسوس ڪندا هئا، اتي سياسي ڌرين جي رهنمائي به ڪندا هئا.هي هڪ سياسي ڪارڪن جو اعتراف آهي سندس چوڻ هو ته اسين شڪايت ڪندا آهيون ته اختيار جا مرڪز ٻئي هنڌ منتقل ٿي ويا آهن، پر اهو به ڏسڻ گهرجي ته اهي اسان جي پنهنجي ڪمزورين سبب منتقل ٿيا.هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ تي تنقيد ڪئي ويندي آهي، پر ايوان ۾ موجود اهڙي ڪا به سياسي جماعت ناهي جيڪا ماضي ۾ ان سان لاڳاپن يا سهڪار کان مڪمل طور الڳ رهي هجي.
غربت،مهانگائي ۽ لاقانونيت آهي،صوبن کان فنڊ وٺڻ غيرآئيني آهي:ثناءُ الله مستي خيل
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پي ٽي آءِ ايم اين اي ثناءُ الله مستي خيل قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيو ته بجيٽ جو رڳو 5 سيڪڙو عوام جي فلاح بهبود،تعليم ۽ صحت لاءِ مختص ڪيو ويو آهي،دفاع لاءِ 17 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي،صوبن کان 1.5 کرب رپيا واپس وٺي رهيا آهيو،هميشه وفاق صوبن کي فنڊ ڏيندو آهي پر توهان ته بغير ڪنهن آئين،معاهدي ۽ اين ايف سي ايوارڊ جي صوبن کان وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي،اهي غيرآئيني ڪم ڇڏي ڏيو،هن چيو ته غريبن جون ته ساڳيون حالتون آهن،رڳو فارم 47 جي وزيرن جا ڏينهن مٽيا آهن،حڪومت جي غلط پاليسين سبب زراعت کي هڪ هزار ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي،توهان جو گهرو وزير چئي رهيو آهي ته گذريل ڪجهه سالن ۾ 100 ارب ڊالر ٻاهرين ملڪ موڪليا ويا آهن،هن چيو ته ملڪ ۾ غربت، مهانگائي،لاقانونيت آهي،حڪمرانن کان ملڪ نه پيو هلي سگهي،وزيرن کي چوان ٿو ته ويس مٽائي عوام ۾ وڃو،اتان صحيح سلامت موٽي اچن ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس،عوام انهن تي ڏمريل آهي،ڪرپشن ۾ پاڪستان 180 ملڪن جي لسٽ ۾ 135 نمبر تي اچي ويو آهي،قانون جي حڪمراني ۾ پاڪستان 140 ملڪن جي لسٽ ۾ 130هين نمبر تي آهي،پريس فريڊم ۾ 180 ملڪن جي لسٽ ۾ 158نمبر تي آهي،هيومن ڊولپمينٽ ۾ به هيٺين نمبر تي آهي،پاڪستان جي اڌ آبادي غريب آهي،هي بجيٽ پاڪستان کي بحران مان نه ڪڍندي بلڪه قرضن جي ايندڙ قسط عوام تي وجهڻ واري دستاويز آهي،
صوبن کان ورتل فنڊ دفاع ۽ سيڪيورٽي بدران وفاق پاڻ لاءِ رکي رهيو آهي: شازيا مري
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پ پ ايم اين اي شازيا مري چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پ پ جي حڪومتن وفاق کي پنهنجي حصي مان اضافي فنڊ ڏنا آهن،پر اسان جڏهن بجيٽ بڪ ڏٺي ته ان ۾ اهڙي اهڙي مد ۾ پئسا رکيا ويا آهن جن جو دفاع ۽ سيڪيورٽي سان تعلق ناهي،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته وفاقي حڪومت اسان سان هڪ انڊراسٽينڊنگ قائم ڪئي هئي هاڻي ان کي خراب ڪرڻ سان ڪو به فائدو نه ٿيندو،اسان کي توهان جيڪو ٻڌايو هو ان تي قائم ۽ دائم رهڻ گهرجي،هن چيو ته اسان اڃا به ان تي حڪومت سان ڳالهائي رهيا آهيون،وزيراعظم اسان جي شڪايت ختم ڪرائي،جيڪڏهن توهان کي پاڻ لاءِ پئسا رکڻا هئا ته صوبن سان زيادتي ڇو ڪري رهيا آهيو؟
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پيپلز پارٽي اسان جي اهم اتحادي آهي، ۽ انهن جي قيادت سان بجيٽ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. جيڪڏهن انهن کي ڪا اضافي معلومات گهرجي ته اها به ڏني ويندي. بجيٽ ۾ ڪا اهڙي ڳجهي ڳالهه نه آهي جيڪا ڪنهن کان لڪائي وئي هجي.هن چيو ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي فنانس ڪميٽي جا چيئرمين، پ پ جا آهن، جيڪي اڳ ۾ به ناڻي وارا وزير رهيا آهن، معاملا سمجهن ٿا، تنهنڪري ڳالهه ٻولهه آسان ٿي وڃي ٿي. هن چيو ته هي ڪو وڏو مسئلو نه آهي جيڪو بحران بڻجي.فيصل واوڊا جي الزامن بابت سوال تي ناڻي واري وزير چيو ته آٽو پاليسي بابت وزيراعظم هڪ ڪميٽي ٺاهي آهي، جيڪا مڪمل پاليسي جو جائزو وٺي رهي آهي. جيڪا به سفارشون اينديون، اهي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيون وينديون. هي ڪم جاري آهي.هن چيو ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته بجيٽ تباهي آهي، پر حڪومت جو موقف آهي ته ملڪ کي استحڪام ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته پرڏيهي قرض گهٽجي 100 ارب ڊالر کان 96–97 ارب ڊالر تائين اچي ويو آهي غربت ۾ اضافو ضرور ٿيو آهي، پر ورلڊ بئنڪ جا انگ مختلف ٿي سگهن ٿا حڪومت بي آءِ ايس پي (بينظير انڪم سپورٽ پروگرام) کي وڌايو آهي هاڻي ان تي 838 ارب رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن.
هيتري مهانگائي ۾ پگهارن ۾ 7 سيڪڙو واڌ قبول ناهي:قادر پٽيل
اسلام آباد(بيورو)پ پ ايم اين قادر پٽيل حڪومت تي تنقيد ڪندي آهي ته سائين، چون ٿا ته واڌ ويجهه ٿي وئي آهي، جي ڊي پي وڌي وئي آهي، ناڻي ذخيرا وڌي وياآهن، منهنجي نظر ۾ اهي سڀ شيون بي معنيٰ آهن، جيڪڏهن غريب عوام کي کاڌي پيتي جون شيون ميسر آهن، ٻار اسڪول وڃن ٿا، گهرن ۾ بجلي ۽ گئس موجود آهي، روزگار موجود آهي، غريب ماڻهو پيٽ ڀري ماني کائي رهيو آهي، ته پوءِ اوهان جي جي ڊي پي جو انگ ڪهڙو به هجي، ملڪ ٺيڪ آهي، سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، هن چيو ته هي غريب ماڻهو، جيڪو ٽي وي تي اسان جون تقريرون ٻڌي رهيو آهي، اهو سمجهي ٿو ته مٿس ٽيڪس لڳي رهيو آهي يا نه، گهٽجي رهيو آهي يا وڌي رهيو آهي، پر هن کي اها خبر ناهي ته ليوي، اڻ ڌي ٽيڪس، موبائل ڪارڊ، ماچيس يا سگريٽ ذريعي اسان ٽيڪس جو سڀ کان وڏو حصو انهيءَ غريب کان وٺون ٿا، هن چيو ته ناڻي وارو وزير ٻڌائي ست سيڪڙو وارو انگ ڪيئن سُجهيو؟ هن چيو ته هڪ وزير جيڪو پروفيسر قسم جا لڳي رهيو آهي چوي پيو ته عوام ۾ انتشار نه ڦهلايو، ماڻهن کي سمجهايو ته مهانگائي ڇو ٿي رهي آهي. اها ته اهڙي ڳالهه ٿي وئي، جيئن ٻڪري کي سمجهايو ته توکي ڇو ذبح ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته آءِ پي پيز جي بجلي اوهان خريد به نٿا ڪري سگهو، اوهان وٽ اضافي بجلي موجود آهي، پوءِ به اوهان ان جا پئسا ادا ڪري رهيا آهيو، ملڪ خساري ۾ وڃي رهيو آهي. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته پوءِ اوهان ڊيمن لاءِ ايترا پئسا ڇو رکيا آهن؟
سج ۽ ساهه کڻڻ تي به ٽيڪس لڳايو:سحر ڪامران
اسلام آباد(بيورو)پ پ ايم اين اي سحر ڪامران چيو آهي ته صوبن پنهنجي حصي مان دفاع لاءِ اضافي فنڊ ڏنا آهن ان سان صوبن قومي ذميواريءَ جو ثبوت ڏنو آهي،قومي سلامتي سان گڏ عوام جي معاشي ۽ سماجي سلامتي به اهم آهي،آئين ۾ صحت،تعليم،سماجي ڀلائي،روزگار ۽ بنيادي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو پر بجيٽ ۾ ان پهلو کي ڪنهن حد تائين نظرانداز ڪيو ويو آهي، ڇو ته وسيلا ناهن،قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته وسيلا ان ڪري ناهن ته وفاق روينيو جا هدف پورا ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي،ايف بي آر هر سال اوڳاڙين ۾ ناڪام ٿيندو آهي پر ان ناڪامي جو ڪو احتساب ٿيندو آهي نه ئي آڊٽ،حڪومت عوام تي ٽيڪسن جو بار وڌائي رهي آهي،هن چيو ته هاڻي سولر ۽ انورٽر تي ٽيڪس لڳايو ويو آهي،هن سال اپريل کان زيرو يونٽ جي پاليسي به خاموشي سان متعارف ڪئي وئي آهي،اڄ بجلي،گئس،پاڻي،تيل سميت هر شئي قوت خريد کان ٻاهر آهي،بس هاڻي رڳو سج تي ٽيڪس لڳڻ باقي بچيو آهي،ٿي سگهي ٿو سڀاڻي هوا ۽ ساهه کڻڻ تي به ٽيڪس لڳي وڃي
وزيراعظم کي خبر آهي ته سندس ڳالهه نٿي ٻڌي وڃي:جنيد اڪبر
اسلام آباد(بيورو) پي ٽي آءِ ايم اين اي جنيد اڪبر خان چيو آهي ته وزيرِاعظم شهباز شريف کي پاڻ به خبر آهي ته سندس ڳالهه ڪيتري ٻڌي وڃي ٿي، هو هر معاملي ۾ اجازت وٺي ايندو آهي.قومي اسيمبلي اجلاس دوران اظهارِ خيال ڪندي هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته اوهان ڇا ڪندا آهيو ۽ ڇا ڪرايو ويندو آهي. اهو نه پڇو ته ‘مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟’ پر اهو پڇو ته ‘مون کي ڇو آندو ويو؟هن وڌيڪ چيو ته بدقسمتي سان وفاقي حڪومت عوام تي مڙهي وئي آهي ۽ هن "مڙهيل حڪومت” کي چار سال ٿي چڪا آهن.ناڻي واري وزير چيو آهي ته 8 هزار 400 رپيا پگهار وٺندڙ ماڻهو غريب نه آهي. انهن ماڻهن جو غريب عوام سان ڪو واسطو ناهي.
بغاوت ان ڪري ناهي ٿي جو عوام کي رياست مان اڃا به اميد آهي:سينيٽرعون عباس
اسلام آباد(بيورو)پي ٽي آءِ سينيٽر عون عباس بپي چيو آهي ته ماڻهو توهان کان نفرت ڪندا، جيئن وڌيڪ ترجيحن جي ڳالهه ٿيندي آهي، جڏهن توهان جي او آر ڊفينس ۽ ڊي ايڇ اي لاهور ۾ بابوئن لاءِ ويهه ويهه ڪروڙ جا بنگلا ٺاهيندا آهيو، ۽ هڪ پاڪستاني جيڪو اڳ ۾ هڪ ڪنال جي گهر ۾ رهندو هو، هاڻي ڏهه کان پنج مرلا جي ڪرائي واري گهر ۾ اچي ويو آهي، اهو توهان کان نفرت ڪندو.هن چيو ته سوچيو ان ماءُ بابت جيڪا رات جو صرف پنهنجن ٻارن کي کاڌو ڏئي ٿي ۽ پاڻ بکايل رهي ٿي ته ٻار اسڪول ويندو ته شايد وڏو ٿي منهنجو سهارو بڻجي.سوچيو ان پيءُ بابت جنهن جي جسم تي ڦاٽل ڪپڙا آهن، پر هو ٻارن جي فيس ته ادا ڪري ٿو، نوان ڪپڙا نه وٺي ٿو ته شايد ٻار وڏو ٿي منهنجي پوڙهائپ جو سهارو بڻجندو.۽ سوچيو انهن ستر لک نوجوانن بابت جن جي هٿن ۾ بي اي جي ڊگري آهي، پر نوڪري نه آهي، ۽ اهي هن رياست ڏانهن ڏسن ٿا ته شايد رياست اسان لاءِ ڪجهه ڪندي.هن چيو ته اسان نئون پاڪستان ٺاهينداسين، فلاحي رياست ٺاهينداسين، مديني جهڙي رياست ٺاهينداسين.آخر هن ملڪ ۾ بغاوت ڇو نه ٿي؟ انقلاب ڇو نه آيو؟ سبب صرف اهو آهي ته اڃا به لکين ماڻهو دل ۾ مايوسي ۽ ڪاوڙ سان ويٺا آهن، پر اڃا به رياست ڏانهن ڏسن ٿا ته شايد ڪجهه ٿيندو.اسان انقلاب ڏانهن نٿا وڃون، پر اهو وقت پري ناهي جڏهن صبر جو پيمانو ٽٽي ويندو.اقتصادي سروي مطابق غربت 21 سيڪڙو مان 30 سيڪڙو ٿي وئي آهي. يعني 7 ڪروڙ 50 لک ماڻهو غربت ۾ هليا ويا آهن.45 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير هيٺ آهي، يعني ساڍا 11 ڪروڙ ماڻهو.هن چيو ته حڪومت چوي ٿي ته جيڪو 8400 رپيا ڪمائي ٿو اهو غريب آهي، ۽ 8500 ڪمائي ٿو ته امير ٿي وڃي ٿو.ڇا 8500 رپين ۾ ڪو ماڻهو 3 وقت جو کاڌو، بجلي جو بل، ٻارن جي تعليم ۽ گهر جا خرچ هلائي سگهي ٿو؟ هن چيو ته ٽيڪس جو نظام اهڙو آهي جيڪو دنيا ۾ ڪٿي به نه آهي. امير ۽ غريب تي ساڳيو ٽيڪس لڳايو وڃي ٿو.
پنجاب ۾ ملازمن جي اجرت ۾ 7 ۽ پينشن ۾ رڳو ساڍا 3 سيڪڙو واڌ
لاهور(بيورو رپورٽ) پنجاب جي بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 7 سيڪڙو واڌ جي تجويزڏني وئي آهي.صحت جي شعبي لاءِ ڪل بجيٽ جو 10 سيڪڙو مختص ڪيو ويو آهي. پنجاب جو ناڻي واري وزير شجاع الرحمان پنجاب جو 5,903 ارب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ پيش ڪئي.سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 7 سيڪڙو واڌ ۽ پينشن ۾ 3.5 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي.ليپ ٽاپ اسڪيم لاءِ 27 ارب رپيا، هونهار اسڪالرشپ پروگرام لاءِ 15 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.بجٽ ۾ صوبائي آمدني جو هدف 1,209 ارب رپيا، صوبي جي ترقياتي معاملن لاءِ 752 ارب رپيا ۽ تعليم جي شعبي لاءِ 750 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.پنجاب جي ناڻي واري وزير شجاع الرحمان چيو ته صحت جي شعبي لاءِ ڪل بجيٽ جو 10 سيڪڙو مختص ڪيو ويو آهي، ۽ پنجاب ۾ ڊجيٽل سهولتن جي فراهمي ۽ جديد تعليم جي فروغ کي يقيني بڻايو ويندو.