صدر مالي ذميواري ۽ قرضن جي حدن سميت چئن اهم بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر پاران ڪيترن ئي اهم ترميمي بلن جي منظوري ڏني وئي آهي، جن جو مقصد لاڳاپيل شعبن جي ڪارڪردگي کي بهتر ۽ وقت جي گهرجن پٽاندر بڻائڻ آهي.
ايوانِ صدر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، منظور ڪيل قانونن ۾ ڪيريئيج باءِ ايئر (ترميمي) بل 2026، پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي (ترميمي) بل 2026، مالي ذميواري ۽ قرضن جي حدن جي تعين جو (ترميمي) بل 2026 ۽ اقبال اڪيڊمي (ترميمي) بل 2026 شامل آهن.
ياد رهي ته ان کان اڳ صدر اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ ترميمي آرڊيننس تي پڻ صحيحون ڪيون هيون، جنهن جو گزٽ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

 

You might also like