ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار سونومشرا انڪشاف ڪيو ته هن فلم ”ڪالا هرن: دي بيٽل فار ليگيسي“ جي شوٽنگ شروع ٿيڻ جي ٻه ڏينهن بعد فلم ڇڏي ڏني هئي ڇاڪاڻ ته معاهدي ۾ شرط ڄاڻايل هو ته سلمان خان خلاف ميڊيا تي ڳالهائڻو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب سونو مشرا ٻڌايو ته کيس سلمان خان جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي ۽ هو ان موقعي تي ڏاڍو خوش ٿيو، جڏهن ته بعد ۾ کيس معاهدي جا تفصيل مليا جنهن مان ڄاڻ ملي ته فلم جو مقصد سلمان خان خلاف هڪ خاص تاثر قائم ڪرڻ آهي جنهن تي هو منصوبي کان ڌار ٿي ويو.
اداڪار چيو ته اهڙا شرط سندس پيشيوراڻي اصولن جي خلاف آهن، ان ڪري هن فلم ڇڏي ڏني.
هن اها به دعوا ڪئي ته فلم جي هدايتڪارن پاران مٿس دٻاءُ وڌو پيو وڃي.
واضح رهي ته ان کان اڳ اداڪار گووند نام ديو پڻ فلم کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو هو. هن چيو ته کيس فلم جي اصل مقصد کان آگاهه نه ڪيو ويو ۽ ٽريلر ڏيکارڻ بعد کيس محسوس ٿيو ته کيس گمراهه ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي سلمان خان فلم خلاف دهلي هاءِ ڪورٽ وڃي موقف ڏنو آهي ته فلم ۾ سندس شخصيت ۽ حقن جي خلاف ورزي ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته هي تڪرار 1998 جي ڪاري هرڻ جي شڪار واري معاملي تي سامهون آيو آهي.