گلگت بلتستان چونڊن ۾ ڪامياب 4 آزاد اميدوار عليم خان جي استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شامل

اسڪردو (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان اسيمبلي جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل 4 آزاد اميدوارن استحڪامِ پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
آزاد ميمبرن وفاقي وزير عليم خان سان ملاقات جي موقعي تي شموليت جو اعلان ڪيو.
آءِ پي پي ۾ شامل ٿيندڙ اميدوارن ۾ جي بي اي 15 ديامر مان محمد دلپذير، جي بي اي 21 غذر 3 مان امان علي، جي بي اي 23 گانچي مان انور علي ۽ جي بي 24 گانچي 3 مان اسد شفيع شامل آهن.
ان موقعي تي دلپذير خان چيو ته اسان چئني اميدوارن هڪ گروپ ٺاهي آءِ پي پي ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي.
سندس چوڻ هوته اسان ٻين آزاد ۽ ايم ڊبليو ايم جي اميدوارن سان پڻ رابطي ۾ آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته ٻين اميدوارن کي به پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏينداسين ۽ اسان جي بي اسيمبلي ۾ ٻي وڏي پارٽي بڻجي اُڀرنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.