هر ڪم سوچي سمجهي ڪندي آهيان، هڪ ڏينهن شادي به ڪرڻي آهي: حنا طارق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا حنا طارق چيو آهي ته هو هر ڪم سوچي سمجهي ڪندي آهي ۽ شوٽنگ دوران به اهڙن منظرن کي ترجيح ڏيندي آهي جيڪي سندس والدين به آرام سان گڏ ويهي ڏسي سگهن.
اداڪارا ويجهڙائي ۾ هڪ نجي ٽي وي شو ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي هن فني سفر سان گڏ مختلف موضوعن تي ويچار ونڊيا.
شوبز ۾ پنهنجي ڪردارن ۽ لباس جي چونڊ بابت هن چيو ته هڪ اداڪار جي زندگي رڳو شوبز تائين محدود نه هوندي آهي، ان جي هڪ ذاتي زندگي به هوندي آهي ۽ نيٺ هر ڪنهن کي هڪ ڏينهن شادي به ڪرڻي هوندي آهي.
اداڪارا وڌيڪ چيو ته ”مان ڪم دوران ان نقطي کي ذهن ۾ رکندي آهيان، ڇاڪاڻ ته هڪ عورت پوري سماج کي هلائي ٿي، ٽي نسل هڪ عورت تي ڀاڙيندا آهن، ان ڪري مان هر ڪم سوچي سمجهي ڪندي آهيان.“
حنا طارق جو چوڻ هو ته هوءَ پنهنجي لباس جي چونڊ تمام گهڻي احتياط سان ڪري ٿي.
هن چيو ته شوبز انڊسٽري ۾ عام طور تي وڌيڪ بولڊ منظر نٿا ڏيکاريا وڃن، پر ان باوجود هوءَ ان حوالي سان محتاط رهي ٿي ۽ جيڪڏهن ڪا شيءِ کيس پنهنجي ڪردار يا معيار موجب نه لڳندي آهي ته هوءَ ڊائريڪٽر کي انڪار ڪري ڇڏيندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.