32 ڄڻن تائين گروپ ڪال جي سهولت، واٽس ايپ ويب ورزن جا نوان فيچر ڪم ڪيئن ڪن ٿا؟

واٽس ايپ پنهنجي ويب ورجن کي وڌيڪ جديد بڻائيندي گروپ وائس ۽ وڊيو ڪالز جو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.
هن وقت تائين واٽس ايپ جي ويب ورجن ۾ رڳو ون آن ون (انفرادي) ڪالز جي سهولت موجود هئي، پر هاڻي بيٽا ورجن ۾ گروپ چيٽس دوران آڊيو ۽ وڊيو ڪالز وارو فيچر شامل ڪيو ويو آهي
هن فيچر جا اهم تفصيل هن ريت آهن
گروپ ڪال جي گنجائش:
هن فيچر تحت واهپيدار هڪ ئي وقت 32 ڄڻن سان گروپ ڪال ڪري سگهندا، جنهن کي اينڊ-ٽو-اينڊ انڪريپشن جو تحفظ حاصل هوندو.
اسڪرين شيئرنگ:
گروپ ڪالز دوران واهپيدارن کي اسڪرين شيئر ڪرڻ جي سهولت پڻ حاصل هوندي.
ڪال بٽڻ:
جڏهن هي فيچر مڪمل طور تي جاري ڪيو ويندو ته گروپ چيٽ ونڊو ۾ هڪ ڪال بٽڻ نظر ايندو، جنهن تي ڪلڪ ڪري وائس يا وڊيو ڪال شروع ڪري سگهبي.
ڪال لنڪس:
گروپ ڪالز لاءِ ”ڪال لنڪس“ جو آپشن پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو، جنهن ذريعي ٻين ماڻهن کي ڪال ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي سگهبي.
هر ڪال لنڪ جو هڪ منفرد ۽ محفوظ يو آر ايل هوندو، جيڪو استعمال نه ٿيڻ جي صورت ۾ 30 ڏينهن کانپوءِ ختم (ايڪسپائر) ٿي ويندو.
رپورٽ موجب، هي فيچر هن وقت محدود واهپيدارن لاءِ دستياب آهي، پر اميد آهي ته جلد ئي ان کي سمورن واهپيدارن لاءِ جاري ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.